Book Name:Asmani Kitabon Mein Naat e Mustafa
ته اوچتو غيب مان چند گھوڙي سوار ظاهر ٿيا، اهي انسانن جھڙا نه هئا، انهن ايندي ئي انهن 90 ماڻهن تي حملو ڪري انهن کي ماري ڀڄايو ۽ والدِ مصطفيٰ حضرت عبدُ الله رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي حفاظت سان انهن جي گھر تائين پهچائي ڇڏيو.
(تاريخ الخمیس، الطلیعۃ الثالثۃ، ذکر تزوج عبداللہ آمنہ، جلد:1، صفحہ:334ملخصاً)
نورِ خدا ہے کفر کی حرکت پہ خندہ زن
پھونکوں سے یہ چراغ بجھایا نہ جائے گا
ڄاتل سُڃاتل نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
پيارا اسلامي ڀائرو! الحمدلله! الله پاڪ پنهنجي محبوب نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو ذڪر بلند ڪيو آهي، اڃا حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام جي پيدائش به ڪانه ٿي هئي، ان کان پهريان رسول ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي ذڪر پاڪ جا چرچا هئا، الله پاڪ ان جو تفصيل سان ذڪر گذريل آسماني ڪتابن (جهڙوڪ: تورات، زبور، انجيل) ۽ انبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام تي نازل ٿيل صحيفن ۾ فرمايو هيو ۽ هي ذڪر ايترو ته تفصيل سان فرمايو هيو جو انهن ڪتابن کي پڙهڻ وارا پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي پنهنجي پٽن کان به وڌيڪ چڱي نموني کان سڃاڻندا هئا.
سيپاري 2، سورت بقره آيت: 146 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:
اَلَّذِیۡنَ اٰتَیۡنٰہُمُ الۡکِتٰبَ یَعۡرِفُوۡنَہٗ کَمَا یَعۡرِفُوۡنَ اَبۡنَآءَہُمۡ ؕ وَ اِنَّ فَرِیۡقًا مِّنۡہُمۡ لَیَکۡتُمُوۡنَ الۡحَقَّ وَ ہُمۡ یَعۡلَمُوۡنَ (۱۴۶)ؔ
ترجمو ڪنزالعرفان: اهي ماڻهو جن کي اسان ڪتاب عطا ڪيو آهي اهي هن نبيءَ کي ايئن سڃاڻن ٿا جيئن اهي پنهنجي پٽن کي سڃاڻن ٿا. (پارہ:2،البقرة:146)
مشهور مفسر قرآن، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن آيت جي حوالي سان فرمائن ٿا: يعني اهل ڪتاب (جن کي تورات ۽ انجيل جو علم هيو) اهي