Book Name:Asmani Kitabon Mein Naat e Mustafa
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جا آقا، محمد مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نُور آهن، هي ڳالھ الله پاڪ جي پاڪيزه ڪلام قرآن ڪريم ۾ به موجود آهي. جيئن ته سيپاري: 6 سورت مائده، آيت: 15 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:
یٰۤاَہۡلَ الۡکِتٰبِ قَدۡ جَآءَکُمۡ رَسُوۡلُنَا یُبَیِّنُ لَکُمۡ کَثِیۡرًا مِّمَّا کُنۡتُمۡ تُخۡفُوۡنَ مِنَ الۡکِتٰبِ وَ یَعۡفُوۡا عَنۡ کَثِیۡرٍ ۬ؕ قَدۡ جَآءَکُمۡ مِّنَ اللّٰہِ نُوۡرٌ وَّ کِتٰبٌ مُّبِیۡنٌ (ۙ۱۵)
ترجمو ڪنزالعرفان؛ بيشڪ توهان وٽ الله جي طرفان هڪ نور آيو ۽ روشن ڪتاب.
هن آيت ڪريمه ۾ لفظ نور مان ڇا مراد آهي، هن جي باري ۾ امام ابوجعفر محمد بن جرير طبري، امام ابو محمد حسين بغوي، امام فخرالدين رازي، امام ناصر الدين عبدالله بن عمر بيضاوي، علامه ابوالبرڪات عبدالله نسفي، علامه ابوالحسن علي بن محمد خازن، امام جلال الدين سيوطي شافعي رَحْمَةُ اللّٰه عَلَيهمْ اَجْمَعِين سميت کوڙ مفسرن فرمايو ته آيتِ طيبه ۾ موجود لفظ ”نور“ مان مراد نبي پاڪ، فخرِ موجودات صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ذاتِ بابرڪات آهي.
(تفسیر صراط الجنان،پارہ:6،المائدہ،زیرِ آیت:15 ،جلد:2 ،صفحہ:400- 401 خلاصۃً۔ )
بلڪه نور واري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پاڻ پنهنجو نور هجڻ بيان فرمايو آهي. امام بخاري ۽ امام مسلم جي استاد امام عبدالرزاق رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه صحابي رسول حضرتِ جابِر رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت ڪئي، حضرتِ جابِر رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: مون عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ)! منهنجا ماءُ پيءُ اوهان تي قربان) مون کي ٻڌايو ته سڀ کان پهريان الله پاڪ ڪهڙي شيء پيدا ڪئي؟“ فرمايائون: ہُوَ نُورُ نَبِیِّکَ یَاجَابِرُ! ”اي جابِر ! بيشڪ الله پاڪ تمام مخلوقات