Book Name:Asmani Kitabon Mein Naat e Mustafa
التَّحِيَّات ۾ ويهڻ جيان ويهندس، ضرورتًا سرڪي ٻين جي لاءِ جاءِ ڪشادي ڪندس، ڌڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس گھُورڻ، جھڻڪڻ، تڪرار ڪرڻ کان بچندس، بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي مسلمانن کي سلام ڪندس، هٿ ملائيندس ۽ انفرادي ڪوشش ڪري نيڪيءَ جي دعوت پيش ڪندس. اِنْ شَآءَ اللّٰهُ الْڪَرِیْم!
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
گذريل ڪتابن ۾ والدِ مصطفيٰ جو ذڪر
روايتن ۾ آهي: ملڪ شام جي اهل ڪتاب (يعني تورات ۽ انجيل شريف تي ايمان رکڻ جي دعوا ڪرڻ وارن) وٽ حضرت يحيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي رت سان رنڱيل هڪ سفيد(اڇو) جبو هيو، انهن جي ڪتابن ۾ لکيل هو: جنهن رات هن جبي مان رت ٽمي، ته سمجهي وڃجو ته هن رات حضرت محمد مصطفي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي والد جي ولادت ٿي آهي. جيئن ته جنهن رات حضرت عبدلله رَضِیَ اللهُ عَنْهُ جي ولادت ٿي، اُن رات ملڪ شام جي ڪتاب وارن کي ان جبي ذريعي خبر پئجي وئي، اهي کيس قتل جي ارادي سان حرم شريف آيا پر الله پاڪ کيس انهن جي شَر کان محفوظ رکيو ۽ هُو ناڪام ۽ بيوس ٿي موٽي ويا، ان کان پوءِ جڏهن ڪو مسافر حرم شريف کان شام جي ملڪ ڏانهن روانو ٿيندو هيو، اهل ڪتاب ان کان حضرت عبدالله رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي باري ۾ پڇندا هئا، اچڻ وارو ٻڌائيندو هيو: قريش ۾ سندن نور خوب چمڪي رهيو آهي. (تاريخ الخمیس، الطلیعۃ الثالثۃ فی ولادۃ عبداللہ ...الخ،جلد:1، صفحہ:331 ملتقطًا )
حضرت آمنه رَضِىَ اللهُ عَنۡها جو پيءُ حضرت وَهب رَضِىَ اللهُ عَنۡه هڪ ڏينهن شِڪار جي لاءِ جنگل ويو، اتي ان عجيب منظر ڏٺائون، حضرت عبدُالله رَضِىَ اللهُ عَنۡه جيڪي شڪار جي لاءِ آيا هئا، جنگل ۾ اڪيلا آهن ۽ اهل ڪتاب جي تقريباً نوي (90) ماڻهن اگھاڙيون تلوارون تاڻي کين گھيري ورتو۔ حضرت وَهب رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: هڪ قرشِي نوجوان کي مشڪل ۾ ڏسي مان ان جي مدد جي لاءِ وڌڻ وارو ئي هئس