Book Name:Raste Ke 4 Huqooq Qist 01
الله پاڪ جي حبيب، دلين جي طبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: رستن تي ويهڻ کان بچو...! عرض ڪيو ويو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! ان کان سواءِ ته اسان جو گذارو ئي ناهي. فرمايائون: جيڪڏهن ويهڻ ضروري آهي، ته رستي جو حق ادا ڪيو...!! سوال ٿيو: رستي جو حق ڇا آهي؟ فرمايو: (1) غَضَّ البَصَر (نظر هيٺ رکڻ) (2) کَفَّ الْاَذٰی (تڪليف کان بچائڻ) (3) رَدَّ السَّلام (سلام جو جواب ڏيڻ) (4) وَاَمْرً بِالْمَعْرُوْفِ وَ نَہْیاً عَنِ الْمُنْکَرِ (نيڪي جو حڪم ڏيڻ ۽ برائي کان منع ڪرڻ).[1]
رستي جا 4 حق
پيارا اسلامي ڀائرو! اسلام جو حُسن آهي ته ان پياري دين نه رڳو ٻانهن جا حق ٻڌايا آهن پر ٻين شين جهڙوڪ جانورن ۽ رستن جا حق به سيکاريا آهن. روايتن ۾ رستن جا 15 حق بيان ڪيا ويا آهن، جن مان 4 حق اڄ اسان سکنداسين.
(1) غَضَّ البَصَر (نظر هيٺ رکڻ)
وضاحت: رستي تي هلندي هيڏي هوڏي ڏسڻ کي پريشان نظري چوندا آهن، جيڪا هڪ خراب عادت آهي. ان جي سبب گناهن ۾ پئجي وڃڻ جو ڊپ رهندو آهي. هڪ بزرگ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ ڀيرو آسمان ڏانهن نظر کنئي، ڪا عورت پنهنجي گهر جي بالڪوني ۾ بيٺي هئي، اوچتو ان تي نظر پئجي وئي. ان بزرگ پڪي نيت ڪري ڇڏي ته آينده ڪڏهن به آسمان ڏانهن نظر نه کڻندس.[2] اسان کي به گهرجي ته پنهنجي نظرن کي جهڪائي رکون، خاص طور تي جڏهن رستي تي هجون، ڪنهن دڪان وغيره تي ويٺل