Book Name:Raste Ke 4 Huqooq Qist 01
(1) مختلف موضوعن تي مختصر بيان: 5 منٽ (2) دعا ياد ڪرڻ: 5 منٽ (3) جائزو: 5 منٽ: ڪل دورانيو: 15 منٽ
اڄ سکڻ سيکارڻ جي مدني حلقن ۾”رستي جا 4 حق قسط اوَّل “ جي موضوع تي مفيد ترين معلومات ڏني ويندي ۽ ”سُواري تي اطمينان سان ويهڻ کان پوءِ پڙهڻ جي دعا“ ياد ڪرائي ويندي، دعا ياد ڪرائڻ کان پوءِ اجتماعي جائزو ورتو ويندو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!
درود شريف جي فضيلت
فرمانِ آخري نبي، رسولِ ہاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم: مون تي درود پاڪ پڙهو بيشڪ هي توهان جي لاءِ پاڪيزگي آهي.[1]
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
الله پاڪ فرمايو:
وَ لَا تَقْعُدُوْا بِكُلِّ صِرَاطٍ تُوْعِدُوْنَ
ترجموڪنزالعرفان: ۽ هر رستي تي ايئن نه ويهو جو واٽ ويندڙ کي ڊيڄاريو.
مدين قوم جي عيبن مان هڪڙو عيب اهو به هو ته اهي ماڻهو رستن تي ويهندا هئا ۽ ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي تڪليف ڏيندا هئا. انهن کي حضرت شعيب عَلَيۡهِ السَّلَام فرمايو: هر رستي تي اهڙي طرح نه ويهو جو مسافرن کي ڊيڄاريو.[2]
فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم: