Book Name:Raste Ke 4 Huqooq Qist 01
آهي.[1]
رستي جو حق ته اهو ئي آهي ته ڪو سلام ڪري ته جواب ڏنو وڃي، پر اسان کي گهرجي ته سُنّت اپنائڻ ۽ وڌيڪ نيڪيون ڪمائڻ لاءِ سلام ۾ اڳرائي ڪيون، رستي ۾ گذرڻ وارو هر مسلمان، چاهي واقفڪار هجي يا اجنبي، ان کي سلام ڪيو!
صحابيءِ رسول حضرت عبد الله بن عمر رَضِيَ اللّٰهُ عَنْهُمَا جي عادت مبارڪ هئي ته پاڻ حضرت طفيل بن اُبي بن ڪعب رَضِيَ اللّٰهُ عَنْهُ کي ساڻ ڪري روزانو بازار ويندا هئا ۽ چڪر لڳائي واپس موٽي ايندا هئا، نه ڪجهه خريد ڪندا، نه ئي ڪجھ قيمت وغيره پڇندا هئا. هڪ ڏينهن حضرت طفيل بن اُبي بن ڪعب رَضِيَ اللّٰهُ عَنْهُ ان جي حڪمت پڇي ته پاڻ فرمايائون: بازار ۾ ماڻهو وڌيڪ هوندا آهن، ان ڪري مان انهن کي سلام ڪري ثواب ڪمائڻ لاءِ ويندو آهيان[2].
(4) وَاَمْرً بِالْمَعْرُوْفِ وَ نَہْیاً عَنِ الْمُنْکَرِ (نيڪي جو حڪم ڏيڻ ۽ برائي کان منع ڪرڻ).
وضاحت: يعني رستي جو چوٿون حق آهي نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ. اَلحَمۡدُلله! نيڪيءَ جي دعوت جي ثواب جي ڪا انتهائي ناهي، رستي ۾ ان جو اڪثر موقعو ملندو رهندو آهي. مثلاً توهان ويٺا هئا، ڪو ملاقات جي لاءِ آيو، بغير سلام ڪرڻ جي هٿ ملائڻ لڳو، ته ان کي پيار سان سمجھائيندي نيڪيءَ جي دعوت ڏيو ته، ادا! هٿ ملائڻ کان پهريان سلام ڪرڻ سُنّت آهي[3]. ڪجهه ماڻهو سلام ڪندي جهڪي ويندا آهن، انهن کي