Raste Ke 4 Huqooq Qist 01

Book Name:Raste Ke 4 Huqooq Qist 01

به موقعي جي مناسبت سان ۽ انهن جي حوصلي جي مطابق سمجھايو وڃي، مثلاً چئو! پيارا ڀاءُ! سلام ڪندي وقت رڪوع جي حد تائين جهڪڻ حرام آهي، ان کان گهٽ جهڪڻ مڪروه آهي.[1] لهٰذا سڌو بيهي سلام ڪيو! ها، جيڪڏهن ماءُ پيءُ، استاد، پير صاحب يا ڪنهن عاشقِ رسول عالِمِ دين جا هٿ چُمڻا هجن، ته ان لاءِ جهڪي سگهو ٿا.

  رستي ۾ نيڪيءَ جي دعوت عام ڪرڻ جو آسان ۽ بهترين طريقو اهو آهي ته مڪتبة المدينه جا جيبي سائز وارا رسالا پاڻ وٽ رکو! موقعي جي مناسبت سان، سٺين سٺين نيتن سان مسلمان ڀائرن کي تحفي ۾ ڏيندا رهو!  اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  نيڪين جو وڏو ذخيرو گڏ ٿي ويندو.

دهرائي

اڄ اسان رستي جا 4 حق سکيا: : (1) غَضَّ البَصَر (نظر هيٺ رکڻ) (2) کَفَّ الْاَذٰی (تڪليف کان بچائڻ) (3) رَدَّ السَّلام  (سلام جو جواب ڏيڻ) (4)  وَاَمْرً بِالْمَعْرُوْفِ وَ نَہْیاً عَنِ الْمُنْکَرِ (نيڪي جو حڪم ڏيڻ ۽ برائي کان روڪڻ).

نوٽ: رستي جي حقوق جي متعلق تفصيلي معلومات جي لاءِ مڪتبةالمدينه جي ڪتاب  بهارشريعت، جلد: 1، حصو: 2 پڙهو.

سکڻ سيکارڻ جي  حلقن  ۾   ياد  ڪرائي  ويندڙ   دعا

بازار ۾ داخل ٿيڻ وقت جي دُعا

لَآ اِلٰہَ اِلَّا  اللّٰہُ   وَحْدَہٗ لَا شَرِیْکَ لَہٗ لَہُ الْمُلْکُ وَلَہُ الْحَمْدُ یُحْیِیْ وَیُمِیْتُ وَھُوَ حَيٌّ لَّا یَمُوْتُ بِیَدِہِ الْخَیْرُ وَھُوَ عَلٰی کُلِّ شَئٍ قَدِیْرٌ


 

 



[1]  بہارِ شریعت ،جلد:3،صفحہ:464۔