Book Name:Raste Ke 4 Huqooq Qist 01
هجون يا هلي رهيا هجون، بس ۾ هجون يا رڪشي وغيره ۾، ته نظرن کي جهڪائي رکون. پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري ادا اها هئي ته سندن نظرون گهڻو ڪري زمين جي طرف رهنديون هيون.[1]
(2) کَفَّ الْاَذٰی (تڪليف کان بچائڻ)
وضاحت: هي رستي جو ٻيو حق آهي، جنهن جا 2 مطلب ٿي سگهن ٿا:
(1) رستي ۾ ڪنهن کي تڪليف نه پهچايو! جيئن ته اهڙي جاءِ تي نه ويهو جو گذرڻ وارن خاص ڪري عورتن کي پريشاني ٿئي، رستو بند نه ڪيو! پنهنجو سامان رستي تي اهڙي طرح نه رکو جو تڪليف جو سبب بڻجي، رستي ۾ شور نه مچايو! ڏاڍيان نه ڳالهايو! مطلب ته هر اهو انداز جنهن سان ٻين کي تڪليف پهچي سگهندي هجي، ان کان بچو!
(2) رستي ۾ تڪليف ڏيندڙ شيءِ مثلاً ڪنڊو، پٿر، شيشو، ڪيلي جو ڇلڪو وغيره نظر اچي ته ان کي هٽائي ڇڏيو! جيڪڏهن رستي ۾ ڪٿي ڪو کڏو هجي، گٽر وغيره جو ڍڪڻ کليل ڏسو ته ان کي يا ته ڪنهن طريقي سان ڍڪي ڇڏيو يا ڪو مناسب بندوبست ڪيو! ته جيئن گذرڻ وارا ان ۾ ڪرڻ يا زخمي ٿيڻ کان بچي وڃن. کڏي جي چوڌاري ڪا رنڊڪ بيهارڻ به فائديمند آهي. جيڪڏهن ممڪن هجي ته لاڳاپيل ادارن کي اطلاع ڏيو ته جيئن هو وقت تي کڏو يا گٽر وغيره بند ڪري ڇڏين.
(3) رَدَّ السَّلام (سلام جو جواب ڏيڻ)
وضاحت: هي رستي جو ٽيون حق آهي. خيال رهي! سلام ڪرڻ سُنّت ۽ ان جو جواب ايتري آواز ۾ ڏيڻ جو سامهون وارو ٻڌي سگهي، اهو واجب