Book Name:Faizan e Sadr ush Shariah
جو انهن کي نه صرف بھارِ شريعت جهڙي مقبولِ عام ڪتاب لکڻ جو ثواب ملندو بلڪه گڏوگڏ تَرجَمو ڪنزالايمان لکڻ لکرائڻ تي ثوابِ عظيم به هٿ آيو هوندو۔ بلڪه جيستائين ان قرآن جي ترجمي مان فائدو حاصل ڪيو ويندو، ان جو ثواب به اِنْ شَآءَ الله عَزَّوَجَلَّ صَدرُ الشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي نامهء اعمال ۾ درج ڪيو ويندو رهندو۔ ان مان اسان کي به هي مدني گُل ملي رهيا آهن ته جيڪڏهن ٿي سگھي ته اسان به ان ختم ٿي وڃڻ واري زندگي ۾ اهڙو ڪو ڪم ڪري وڃون جيڪو مرڻ کان پوءِ به ڪم اچي. ياد رکو! هي دنيا دارُالعَمَل (يعني عمل ڪرڻ جي جڳھ) ۽ آخرت دارُالجَزَاء (يعني بدلي ملڻ جي جڳھ) آهي، تنهن لاءِ سمجھداري انهيءَ ۾ آهي ته دنيا ۾رھندي آخرت جي تياري ڪئي وڃي ته جيئن قبر ۽ حشر جي امتحان ۾ ڪامياب ٿي ڪري اللھ عَزَّوَجَلَّ جي طرف کان بطورِ انعام ملڻ واري جَنت جون نه ختم ٿيڻ وارين نعمتن جو مزو ماڻي سگھون.
حضرت سَيّدُناابُو ھرَيره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان مَروي آهي ته نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اِرشاد فرمايو: جڏهن ماڻهو مَري ويندو آهي ته ان جي عمل جو سلسلو مُنقطع ٿي (ڪٽجي) ويندو آهي پر 3 عمل مُنقَطع ناهن ٿيندا، صدقهء جاريه، عِلمِ نافع ۽ نيڪ اَولاد جيڪا ان جي لاءِ دُعا ڪندي آهي۔ (صحيح مسلم، ڪتاب الوصية، باب ما يلحق الانسان...الخ، الحديث۱۶۳۱، ص۸۸۶) حڪيم الاُمَّت حضرتِ مفتي احمد يارخان عَلَيْه ِ رَحْمَةُ الْحَنَّان ان حديث پاڪ جي شرح ۾ فرمائن ٿا: هي 3 شيون (اهڙيون آهن) جن جو ثواب مرڻ کان بعد پھچندو رھندو آهي، ڪو اِيصالِ ثواب ڪري يا نه ڪري. صدقهء جاريه مان مُراد اَوقاف آهن، جيئن مسجدون، مَدرسا، وَقف ڪيل باغ جن مان