Book Name:Faizan e Sadr ush Shariah
ٿو، مون رَسُولُ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي فرمائيندي ٻڌو ته ”توهان مان جيڪو ڪامل وُضُو ڪري ۽ مسجد جي طرف هلي، ته ساڄو قدم کڻڻ تي اللہ عَزَّوَجَلَّ ان جي لاءِ هڪ نيڪي لکندو آهي ۽ کاٻو قَدم رکڻ تي اللہ عَزَّوَجَلَّ ان جو هڪ گُناھ مٽائي ڇڏيندو آهي، هاڻي تنهنجي مرضي توهان مسجد جي ويجهو رہو يا پري. پوءِ جڏهن اهو مسجد ۾ ايندو آهي ۽ باجماعت نَماز اَدا ڪندو آهي ته ان جا گُناھ مُعاف ڪيا ويندا آهن، پوءِ جيڪڏهن اهو مسجد ۾ حاضِر ٿئي ۽ ان جون ڪجھ رَڪعتون نڪري چڪيون هجن ۽ ڪجھ باقي رهجي ويو هجن، اُن کي گهرجي ته جيڪي رَڪعتون اهو حاصل ڪري سگھي، اِمام سان گڏ پڙهي وٺي ۽ بقايا رڪعتون مڪمل ڪري وٺي تڏهن به ان جي مَغفِرت ڪئي ويندي آهي ۽ جيڪڏهن اهو مسجد ۾ (جماعت سان نماز پڙهڻ جي نيت سان) حاضِر ٿيو، پر جماعت ٿي چڪي هجي ته ان کي گهرجي ته پنهنجي نماز اَدا ڪري وٺي جو ان جي لاءِ به اها ئي بشارت آهي.“
(ابوداود، ڪتاب الصلٰوة ،باب ماجاء في الھدي في المشي الي الصلٰوة، رقم ۵۶۳ ، ج ۱ ،ص ۲۳۳)
ياد رهي! ته ڄاڻي واڻي نمازِ باجماعت جو وَقت گذاري ڇڏڻ واري کي هي فضيلت ته پري جي ڳالھ بلڪه جماعت ڇڏڻ جو گُناھ ملندو.
ابتدائي حالات:
حضرتِ صدرُالشريعه، بَدرُ الطريقه مفتي محمد اَمجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ۱۳۰۰ھ مُطابق 1882ء ۾ مَشرقي يو پي (ہند) جي ڳوٺ مدينة العُلَماء گھوسي ۾ پيدا ٿيا. توهان جا والدِ ماجد حڪيم جمالُ الدين عَـلَيْهِ رَحْـمَةُ اللهِ الۡمُبِین ۽ ڏاڏا خُدا بخش رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه طِب جي فن جا ماهر هئا. اِبتدائي تعليم توهان پنهنجي ڏاڏي حضرت مولانا خُدا بخش رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه