Book Name:Faizan e Sadr ush Shariah
جي نَماز قَضاء ٿي وئي۔'' حافِظ ملّت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن عرض ڪيو: توهان بيہوش هئا، بيہوشي جي حالت ۾ نَماز قَضا ٿيڻ تي قيامت ۾ پڇا ڳاڇا ناهي۔ فرمايائون: توهان پڇا ڳاڇا جي ڳالھ ڪري رهيا آهيو، مقرر وقت تي دَربارِ الٰهي عَزَّوَجَلَّ جي هڪ حاضري کان ته محروم رہيس۔
(تذڪرهء صدر الشريعه ،ص:۳۰)
باجماعت نماز جو جَذبو
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته صَدرُ الشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نماز جا ڪيتري قَدَر پابند ۽ نماز سان ڪيڏي نه مَحَبَّت فرمائڻ وارا هئا جو شريعت جي طرف کان رُخصت جي باوُجُود به بيهوشي جي حالت ۾ نَماز ڇڏجڻ تي ايتري قَدر ڏک ۽ صدمو ٿيو جو مبارڪ اکين مان لڙڪ نڪري آيا. اللہ عَزَّوَجَلَّ انهن جي صدقي اسان کي به نمازن سان مَحَبَّت ۽ عِبادت جي لَذّت نصيب فرمائي۔ حضرتِ صدرُالشريعه، بَدرُ الطريقه مفتي محمد اَمجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ان تي (به) تمام سختي سان پابند هئا جو مسجد ۾ حاضِر ٿي ڪري باجماعت نماز پڙهن۔ بلڪه جيڪڏهن ڪنهن وَجہ سان مُؤذِّن صاحِب مُقرَّروَقت تي نه پہچندا هئا ته خُود اَذان ڏيندا هئا۔ قديم (پراڻي) مڪانِ عاليشان کان مسجد بلڪل قريب هئي اتي ڪا به ڏکيائي نه هئي پر جڏهن نئين مڪانِ عاليشان قادِري منزل ۾ رِہائش پَذير ٿيا ته آس پاس ۾ ٻه مسجدون هيون۔ هڪ بازار جي مسجد ٻي وڏي ڀاءُ جي گهر جي ڀرسان جيڪا ’’نوّاڪي مسجد‘‘ جي نالي سان مشہور آهي۔ هي ٻئي مسجدون فاصلي تي هيون۔ ان وَقت بينائي (نظر) به ڪمزور ٿي چڪي هئي، بازار