Faizan e Sadr ush Shariah

Book Name:Faizan e Sadr ush Shariah

اِستقامت حاصل ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مُشڪبار مدني ماحول سان وابسته ٿي ويس. نيڪي جي دعوت جون ڌومون مَچائڻ جي جذبي جي تحت ھر مھيني 3 ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر منهنجو معمول بڻجي ويو. اَلْحَمْدُ لِلّٰھ عَزَّوَجَلَّ تحرير لکڻ وقت مبلّغِ دعوت اسلامي جي حيثيت سان سنتن جي خدمت ڪري رهيو آهيان.

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

14،15،16آگسٽ مدني قافلا:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! سڀاڻي 14 آگسٽ آهي، ان ڏينهن کي اللہ عَزَّوَجَلَّ ۽ رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي فضل ۽ ڪرم سان اسان کي نعمتِ عظيم ”يعني وطنِ عزيز ملڪ پاڪستان" نصيب ٿيو، بدقسمتي سان اڄ اِن نعمت جو شڪر ڪرڻ جي بجاءِ نه ڄاڻ ڪهڙن ڪهڙن گناہن جا بازار گرم ڪري ربِّ غفار جي ناراضي جو سامان ڪيو ويندو آهي، اللہ عَزَّوَجَلَّ سلامت رکي، اميرِ اہلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه کي، جن قدم قدم تي هن اُمّت جي خيرخواهي ۽ رہنمائي فرمائي آهي، توهان ان موقعي تي به عاشقانِ رسول کي گناہن کان بچڻ ۽ اللہ عَزَّوَجَلَّ جو شڪر بجا آڻيندي نيڪين ۾ گذارڻ جو مدني ذہن عطا فرمايو آهي.

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اميرِ اہلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي ترغيب تي 14 آگسٽ تي ملڻ واري نعمت جي شڪراني ۽ نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائڻ جي لاءِ سڀاڻي اِنْ شَآءَ الله عَزَّوَجَلَّ ! ڪيترائي عاشقانِ رسول 3 ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر جي سعادت حاصل ڪندا، توهان به ہمّت ڪريو ۽ پاڻ کي مدني قافلي ۾ سفر جي پيش ڪريو.