Faizan e Sadr ush Shariah

Book Name:Faizan e Sadr ush Shariah

جشنِ آزادي ۾ شڪراني جا نفل پڙهو ۽ شڪراني جي طور تي اللہ جي رضا جي لاءِ روزو رکو.

شيخ طريقت، اميرِ اَھلسُنَّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابُوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه فرمائن ٿا: جيڪي به اسلام سان محبت ڪندا آهن، پاڪستان سان محبت ڪندا آهن، اُنهن جي خدمت ۾ عرض آهي ته توهان دعوتِ اسلامي وارن سان گڏ مدني قافلي ۽ مدني چينل تي وقت گذارين، سحري ڪن ۽ روزو رکن.

مزيد فرمائن ٿا جنهن جو خلاصو هي آهي: ڪجھ ماڻهو جشنِ آزادي ملهائي ڪري پنهنجي لاءِ بربادي جو سامان ڪندا آهن: مثلاً ہوائي فائرنگ، ميوزيڪل پروگرام ڪيا ويندا آهن، قانون جي خلاف ورزي ٿيندي آهي، وڌيڪ شراب پيتو ويندو آهي، بيهوده ڊانس ڪيا ويندا آهن.

ويهڻ جون ڪجهه سنتون ۽ آداب

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔ (مِشڪاة المَصابيح ، ج۱ ص۵۵ حديث ۱۷۵ دارالکتب العلمية بيروت)

سینہ تری سنّت کا مدینہ بنے آقا
جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد