Faizan e Sadr ush Shariah

Book Name:Faizan e Sadr ush Shariah

دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن پُرفتن دور ۾ به اَلۡحَمۡدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جو پاڪيزه مدني ماحول، اِن مدني صحبت کي حاصل ڪرڻ جا موقعا فراھم ڪندو آهي، توهان کي به مدني التجا آهي ته شيخ طريقت، اَميرِاھلسُنَّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جون برڪتون حاصل ڪرڻ، سُنتون اپنائڻ، نمازِباجماعت جو ذِھن بنائڻ، ڪوڙ، غيبت،چُغلي وغيره گُناھن کان بچڻ ۽ ٻين کي بچائڻ جي لاءِ ۽ نيڪين ۾ دل لڳائڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان ھر دَم وابسته رهو، اِنْ شَآءَ الله عَزَّوَجَلَّ ان جي برڪت سان اعليٰ اَخلاقي خوبيون غير محسوس طور تي ڪردار جو حِصو بڻجنديون وينديون۔ ھراسلامي ڀاءُ کي گھرجي ته اهو پنهنجي شھر ۾ٿيڻ واري دعوتِ اسلامي جي ھفتيوارسُنتن ڀرئي اجتماع ۾ وقت جي پابندي سان گڏ اوّل تا آخر شرڪت جي سعادت حاصل ڪري ۽ راھـِه خدا عَزَّوَجَلَّ ۾ سفر ڪرڻ وارن عاشقانِ رسول جي مدني قافلن ۾ سفر ڪري۔ هن مدني قافلن ۾ سفر جي برڪت سان توهان کي گذريل زندگي جي طريقي تي غور و فڪر ڪرڻ جو مَوقعو ملندو ۽ دل آخرت چڱي ڪرڻ جي لاءِ بي چين ٿي ويندي، جنهن جي نتيجي ۾ گُناھ ڪرڻ تي ندامت محسوس ٿيندي ۽ توبھ جي توفيق ملندي۔ اِنْ شَآءَ الله عَزَّوَجَلَّ

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

علمي شان و شوڪت:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ايئن ته اللھ عَزَّوَجَلَّ حضرتِ صَدرُ الشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي ڪيترن ئي علم ۽ فن ۾ مَھارت عَطا فرمائي هئي، پر