Book Name:Faizan e Sadr ush Shariah
فرمائن ٿا: مُصنّفِ بھارِ شريعت حضرتِ صدرُ الشّريعه مولانا محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سان گڏ مدينة الاَولياء احمدآباد شريف (ھند) ۾ حضرت سيد نا شاھ عالَم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي درٻار ۾ حاضري جي سَعادت حاصِل ٿي، انهن ٻنهي تختن جي هيٺان حاضر ٿياسين (جنهن جي باري ۾ مشھور آهي ته دعائون قبول ٿينديون آهن) ۽ پنهنجي پنهنجي دِل جون دعائون ڪري جڏهن فارِغ ٿياسين ته مون پنهنجي پير و مرشِد حضرتِ صدرُالشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي عرض ڪيو: حُضور! توهان ڪهڙي دعا گُھري؟ فرمايو: ’’ھر سال حج نصيب ٿيڻ جي‘‘ مون سمجھو ته حضرت جي دُعا ڪرڻ جو مقصد هي هوندو ته جيستائين زِندھ رھان حج جي سعادت ملي، پر هي دُعا به قبول ٿي جو انهيءَ سال حج جي ارادو ڪيائون. مديني جي سفيني ۾ سَوار ٿيڻ جي لاءِ پنهنجي وطن مدينة العلماء گھوسي (ضِلع اعظم گڙھ، ھند) کان بمبئي تشريف وٺي آيا، هتي سندن کي نُمونيا ٿي ويو ۽ سفيني ۾ سوار ٿيڻ کان پهريان ئي ۱۳۶۷ھ جي ذيقعدة الحرام جي ٻين رات 12 وڄي 26 مِنٽ بمطابِق 6 سٽمبر 1948ء تي وفات ڪري ويا.
سُبْحٰنَ اللھ عَزَّوَجَلَّ! صدر الشريعه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي گھريل دعا ’’ھرسال حج نصيب ٿئي‘‘ هن طرح مقبول ٿي جو حج جي سفر دوران ئي سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو وصال ٿي ويو. حديث پاڪ ۾ آهي جيڪو شخص پنهنجي گھر کان حج يا عُمرو ڪرڻ جي لاءِ نڪري ۽ فوت ٿي وڃي، ته ان کي قيامت تائين حج ۽ عمرو ڪرڻ واري جو اجر ڏنو ويندو.
(شعب الايمان للبيھقي، باب في المناسڪ، فضل الحج والعمرة، الحديث۴۱۰۰، ج۳ ،ص۴۷۴)
مدینے کا مُسافر ہند سے پہنچا مدینے میں
قدم رکھنے کی بھی نوبت نہ آئی تھی سفینے میں