Faizan e Sadr ush Shariah

Book Name:Faizan e Sadr ush Shariah

سُبْحَانَکَ اللّٰھُمَّ وَبِحَمْدِکَ لَاۤ اِلٰہَ اِلَّاۤ اَنْتَ اَسْتَغْفِرُ کَ وَاَتُوْبُ اِلَیْکَ ترجمو: تنهنجي ذات پاڪ آهي ۽ يا اللہ! تنهنجي لاءِ ئي تمام خوبيون آهن، تو کان سوا ڪو معبود ناهي، توکان بخشش گھُران ٿو ۽ تنهنجي طرف توبه ڪريان ٿو۔

(سنن ابي داؤد، ڪتاب الادب، باب في ڪفارۃ المجلس، الحديث ۴۸۵۷، ج۴، ص۳۴۷)

*… ڪنهن عالِم با عمل يا متقي شَخص يا سيّد صاحب يا والدين جي اچڻ تي تعظيمًا اُٿي بيهڻ ثواب آهي۔ حڪيم الامّت مفتي احمد يار خان نعيمي عَلَیۡهِ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ الۡغَنِی لکن ٿا: بزرگن جي اچڻ تي هي ٻه ڪم يعني تعظيمي قيام (اٿي بيهڻ) ۽ استقبال جائز بلڪه سنتِ صحابه آهي۔

(مراٰة المناجيح، ج۶، ص۳۷۰، جملہ منقول از سنتیں اور آداب، ص۹۹، بتغير)

هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب ”سنتين اور آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

عاشقانِ رسول، آئیں سنت کے پھول

دینے لینے چلیں، قافلے میں چلو

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد