Book Name:Madani Inamaat Rah e Nijaat
هر وقت فڪرِ مدينه
منقول آهي ته حضرت سَيّدُنا حَسَن بَصري رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ چاليھ (40) سالن تائين نه کِليا. راوي چون ٿا ته مان جڏهن به انهن کي ويهندي ڏسندو هوس ته ايئن لڳندو هو ڄڻ هڪ قيدي هجن جنهن جو ڪنڌ لاهڻ جي لاءِ آندو ويو هجي ۽ جڏهن گفتگو فرمائيندا هئا ته انداز اهڙو هوندو هو ڄڻ آخرت کي اکين سان ڏسي ان جا احوال ٻڌائي رهيا هجن ۽ جڏهن خاموش رهندا هئا ته ايئن محسوس ٿيندو هو ڄڻ انهن جي اکين جي سامهون باھ ڀڙڪي رهي آهي. جڏهن انهن کان ايتري قدر غمگين رهڻ جو سبب پڇيو ويو ته فرمايائون: مون کي ان ڳالھ جو خوف آهي ته جيڪڏهن الله عَزَّوَجَلَّ منهنجي ڪجھ ناپسنديده عملن کي ڏسي مون تي غضب فرمايو ۽ هي فرمائي ڇڏيو ته” وڃ! آئون توکي نه ٿو بخشيان“ ته ان صورت ۾ منهنجا سڀ عمل ضايع ٿي ويندا. (احياءعلوم الدين، ڪتاب الخوف والرجاء ،۴/۲۳۱)
نفس جي محاسبي جو منفرد طريقو
حضرت سَيّدُنا اِبراھيم تيمي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا ته هڪ ڀيري مون تصور ڪيو ته آئون جنت ۾ آهيان، اُتان جا ميوا کائي رهيو آهيان، ان جي نهرن مان مشروب پي رهيو آهيان ۽ حورن سان ملاقات ڪري رهيو آهيان، ان کان پوءِ اهو خيال ڪيم ته آئون جهنم ۾ آهيان ۽ باھ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل (آهيان) ڪنڊن وارا وڻ کائي رهيو آهيان ۽ دوزخين جو پيپ پي رهيو آهيان. پوءِ مون پنهنجي نفس کان پڇيو: ٻڌاءِ هاڻي تو ڇا ٿو چاهين؟ منهنجي نفس جواب ڏنو، آئون دنيا ۾ واپس وڃڻ چاهيان ٿو ته جيئن نيڪيون ڪري سگھان. مون چيو: وڃ تنهنجي خواهش پوري ڪئي ٿي وڃي، هاڻي نيڪيون ڪري وٺ.
(مڪاشفة القلوب ،الباب الثمانون في بيان المحبة …الخ، ص ۲۶۵)