Madani Inamaat Rah e Nijaat

Book Name:Madani Inamaat Rah e Nijaat

اَلۡـحَـمۡـدُ لِـلّٰـہِ رَبِّ الۡـعٰـلَـمِيۡنَ وَ الـصَّـلٰـوۃُ وَ الـسَّـلَامُ عَـلٰي سَـيـدِ الۡـمُـرۡ سَـلِـيۡنَ

اَمَّـا بَــعۡـدُ فَـاَعُـوۡذُ بِـا لـلّٰـہِ مِـنَ الـشَّـيۡـطٰنِ الـرَّجِيۡمِؕ بِـسۡمِ الـلّٰـہِ الـرَّحۡـمٰنِ الـرَّحِـيۡمِؕ

مَدَني انعامات، راههِ نجات

اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا رَسُوۡلَ اللّٰه

 

وَعَلٰى اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا حَبِيۡبَ اللّٰه

اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا نَبِيَّ اللّٰه

وَعَلٰى اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا نُوۡرَ اللّٰه

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ

(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

جڏهن به مسجد ۾ داخل ٿيو، ياد اچڻ تي نفلي اعتڪاف جي نيّت ڪري وٺندا ڪيو، جيستائين مسجد ۾ رهندؤ نفلي اعتڪاف جو ثواب حاصل ٿيندو رهندو ۽ ضمنًا مسجد ۾ کائڻ پيئڻ به جائز ٿي ويندو۔

دورد شريف جي فضيلت

رسولِ اَڪرم،نُورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ رحمت نشان آهي: اي انسانو! بي شڪ بروزِ قيامت ان جي دهشتن ۽ حساب ڪتاب کان جلد نجات حاصل ڪرڻ وارو اهو شخص هوندو، جنهن توهان مان مون تي ڪثرت سان درودِ پاڪ پڙهيا هوندا. (فردوس الاخبار ،ج۲/۴۷۱،حديث ۸۲۱۰)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰصَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: