Madani Inamaat Rah e Nijaat

Book Name:Madani Inamaat Rah e Nijaat

گڏوگڏ ان تي استقامت حاصل ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ مدني قافلن ۾ سفر ڪندا رهو. ان جي برڪت سان

مدني انعامات تي عمل ڪرڻ اسان جي لاءِ آسان کان آسان ٿيندو ويندو.

اِنْ شَآءَ اللہ عَزَّوَجَلَّ

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مجلسِ حج و عمره

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُلِلّٰہ عَزَّوَجَلَّ! دعوت اسلامي جي مدني ماحول ۾نيڪيون ڪرڻ، گناهن کان بچڻ جو خوب خوب مدني ذهن ڏنو ويندو آهي، گڏوگڏ منظم طريقي سان مدني ڪمن کي وڌائڻ جي لاءِ ڪيترائي شعبا قائم ڪيا ويا آهن، انهي شعبن مان هڪ شعبو ”مجلس حج و عمره“ به آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته حج هڪ اهم عبادت آهي، هر سال لکين مسلمان هڪ ئي لباس ۾ رنگ ۽ نسل جي فرق کي مٽائيندي ۽ پاڻ ۾ نفرتون ۽ رنجشون وساري حرم جي سرزمين تي جمع ٿيندا آهن، جنهن جي اتفاق ۽ اتحاد جو انداز ڏسي ڪري پوري دنيا حيران ٿيندي آهي، هي لمحو عاشقن جي لاءِ ڪنهن طور تي نعتِ عظمٰي کان گهٽ نه هوندو آهي، ڇو جو انهن کي ربّ عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جي حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ کان حاضري جو پروانو ملندو آهي ته انهن جو جذبو ڏسڻ جي قابل هوندو آهي.

شيخ طريقت، اميرِ اہلسنت، بانيِ دعوتِ اسلامي حضرت علّامہ مولانا ابوبلال محمد الياس عطّار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جن حج تي وڃڻ وارن اسلامي ڀائرن ۽ اسلامي ڀينرن جي تربيت تي به خصوصي توجهه ڏني ۽ انهن کي بارگاھِ خداوندي ۽ بارگاھِ مصطفوي جا آداب