Madani Inamaat Rah e Nijaat

Book Name:Madani Inamaat Rah e Nijaat

بَلِّغُوۡا عَنِّيۡ وَلَوۡ آيَة[1]يعني ”منهنجي طرفان پهچايو جيتوڻيڪ هڪ ئي آيت هجي“ ۾ ڏنل احڪام جي پيروي ڪندس * نيڪي جو حڪم ڏيندس ۽ بُرائي کان منع ڪندس * شعر پڙهڻ، عربي، انگريزي ۽ ڏکيا لفظ ڳالهائڻ دؤران دل جي اخلاص تي توجُّھ رکندس تدريسپنهنجي علميت جو ڌاڪو ويهارڻ مقصود ٿيو ته ڳالهائڻ کان بچندس *مدني قافلي، مدني انعامات ۽ علاقائي دوره براءِ نيڪي جي دعوت وغيره جي رغبت ڏياريندس * ٽهڪ ڏيڻ ۽ ڏيارڻ کان بچندس * نظر جي حفاظت بڻائڻ جي خاطر حتي الامڪان نگاهون جهڪائي رکندس۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

اي نفس! الله عَزَّوَجَلَّ کان ڊڄ

بني اسرائيل جو هڪ شخص نهايت عبادت گذار هو. اهو رات جو الله تعاليٰ جي عبادت ۾ مصروف رهندو ۽ ڏينهن جو گھمي ڦري ڪجھ شيون ماڻهن کي وڪرو ڪندو هو. اهو اڪثر پنهنجي نفس جو محاسبو (فڪرِ مدينه) ڪندي چوندو هو: ”اي نفس! الله عَزَّوَجَلَّ کان ڊڄ.“ هڪ ڏينهن اهو معمول جي مطابق پنهنجي گھر کان روزي ڪمائڻ جي لاءِ نڪتو ۽ هلندي هلندي هڪ امير جي دروازي وٽ پهتو ۽ پنهنجون شيون وڪرو ڪرڻ جي لاءِ صدا لڳائي. امير جي گھرواري جڏهن ان حسين شخص کي پنهنجي دروازي جي ويجھو ڏٺو ته ان تي عاشق ٿي وئي ۽ ان کي بهاني سان محل جي اندر سڏائي ورتو پوءِ ان کي چوڻ لڳي: اي تاجر! منهنجي



[1]بخاری، ڪتاب احادیث الانبیاء،باب ماذڪر عن بنی اسرائیل،2/462،حدیث:3461