Madani Inamaat Rah e Nijaat

Book Name:Madani Inamaat Rah e Nijaat

پنهنجي اصلاح ۽ نجات جو موقعو فراهم ڪندا آهن. درحقيقت هي مدني انعامات جنت ۾ وٺي وڃڻ وارن ۽ جهنم کان بچائڻ وارن عملن جي طرف ترغيب ڏيارڻ جو مجموعو آهي. ڄڻ ته شيخ طريقت، اميرِ اہلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه اسان جي عملي بدحالي ملاحظه فرمائيندي اسان جي اصلاح جو بهترين طريقو اختيار فرمايو، ته جيئن اسان روزانه وقت مقرر ڪري فڪرِ مدينه (خود احتسابي) تي استقامت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون. اهو ئي سبب آهي ته بي شمار اسلامي ڀائر، اسلامي ڀينرون ۽ طلبه روزانه سمهڻ کان پهرين ”فڪرِ مدينه“ ڪندي مدني انعامات جي پاڪيٽ (جيبي) سائز رسالي ۾ ڏنل خانه پُر ڪندا آهن، جنهن جي برڪت سان نيڪ بنجڻ ۽ گناهن کان بچڻ جي راھ ۾ موجود رڪاوٽون الله عَزَّوَجَلَّ جي فضل ۽ ڪرم سان آهستي آهستي ختم ٿينديون وينديون آهن گڏوگڏ سُنت جو پابند بنجڻ، گناهن کان نفرت ڪرڻ ۽ ايمان جي حفاظت ڪرڻ جي لاءِ ڪُڙهڻ جو ذهن به بڻجندو آهي.

مَدَنی اِنعامات کی بھی مَرْحَبا کیا بات ہے

قُربِ حَقْ کے طالِبوں کے واسطے سَوغات ہے

راھهِ نجات جو بهترين ذريعو

مدني انعامات جي باري ۾ جيڪڏهن هي چيو وڃي ته هي نجات جي راھ تي هلڻ جو هڪ بهترين ذريعو آهي ته شايد هي چوڻ غلط نه هوندو، ڇو جو ان مان ڪجھ مدني انعامات فرائض تي، ڪجھ واجبات تي ۽ ڪجھ سُنتن ۽ مستحبات تي مشتمل آهن ۽ يقينًا هي سڀ ڪم آخرت جي نجات جو سبب ۽ جهنم کان بچائي جنت تائين پهچائڻ وارا آهن. اچو ته ان مان ڪجھ مدني انعامات جي باري ۾ ٻڌون ٿا مثلًا: