Madani Inamaat Rah e Nijaat

Book Name:Madani Inamaat Rah e Nijaat

داخل ٿيڻ نصيب ٿيندو ۽ جيڪڏهن ايئن ڪرڻ جي بجاءِ خوابِ غفلت“ جو شڪار ٿي وڃي ته اهو خساري ۾ رهندو، جنهن جي نتيجو جهنم ۾ داخل ٿيڻ جي صورت ۾ سامهون اچي سگھي ٿو. (وَالْعِیاذُبِاللہعَزَّ وَجَلَّ )

شيخ طريقت، اميرِ اہلسنت، بانيء دعوتِ اسلامي حضرت علّامہ مولانا ابوبلال محمد الياس عطّار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جن آسان ۽ بهترين انداز ۾ فڪرِ مدينه (يعني پنهنجي محاسبي) ڪرڻ جي حوالي سان اسان جي جيڪا رهنمائي فرمائي آهي، اها واقعي داد جي قابل ۽ عمل جي لائق آهي، پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه هن پُرفتن دور ۾ آساني سان نيڪيون ڪرڻ ۽ گناهن کان بچڻ جي طريقهء ڪار تي مشتمل شريعت ۽ طريقت جو جامع مجموعو ”مدني انعامات“ بصورت سوالات عطا فرمايو آهن. اسلامي ڀائرن جي لاءِ 72، اسلامي ڀينرن جي لاءِ 63، طالبِ علمِ دين جي لاءِ 92، طالبات جي لاءِ 83، مدني منن ۽ مدني منين جي لاءِ 40 ۽ خُصوصي (يعني گونگن ۽ ٻوڙن) اسلامي ڀائرن جي لاءِ 27 مدني انعامات آهن. مدني انعامات جو هي عظيم تحفو نه صرف اسلاف رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی جي ياد ڏياري ٿو بلڪه انهن جي نقشِ قدم تي هلندي فڪرِ مدينه ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي، ان تي عمل پيرا ٿي ڪري اسان پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش جو عظيم جذبو حاصل ڪري سگهون ٿا گڏوگڏ اڪيلائي ۾ مدني انعامات جي رسالي کي کولي ڪري ان ۾ ڏنل سُوالن جو جواب خود ئي ”ها“ يا ”نه“ جي ذريعي پنهنجي عملن جي چڱي يا بُري هئڻ جو جائزو وٺندي پنهنجي غلطين کي سڌاري سگھون ٿا. ڄڻ ته هي مدني انعامات اسان کي روزانه پنهنجي ئي قائم ڪيل خود احتسابي جي عدالت ۾ حاضر ڪري اسان جي پنهنجي ئي ضمير کان فيصلو ڪرائيندا آهن ۽ اسان کي