Madani Inamaat Rah e Nijaat

Book Name:Madani Inamaat Rah e Nijaat

امان قائم ڪرڻ ۽ فتني فساد کي پاڙ کان پٽڻ جو هي ڪيترو زبردست طريقو آهي. ظاهر آهي ته جڏهن هر شخص پنهنجي اندر جي انتقام جي باھ کي وسائي ڇڏيندو ۽ معاف ڪري ڇڏڻ ۽ صبر ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪندو ته فتني فساد ۽ لڙائي جهڳڙن جو جڙ کان خاتمو ٿي ويندو ۽ اهڙي طرح اسان جو معاشرو امن جو گھوارو بڻجي ويندو. هن مدني انعام ۾ عفو ۽ درگزر کان ڪم وٺڻ جي به ترغيب ڏياري وئي آهي، عفو ۽ درگزر جو مطلب هي آهي ته جيڪڏهن ڪنهن شخص کان ڪا خطا ۽ قُصُور سرزد ٿي وڃي يا اهو اسان تي ظلم ۽ زيادتي ڪري يا ڪنهن به طرح اسان کي ايذاء پهچائي ته بدلو ۽ انتقام وٺڻ يا ان کي گهٽ وڌ ڳالهائي پنهنجي دل جي ڪاوڙ ڪڍڻ جي بجائي اسان ان کي الله عَزَّوَجَلَّ جي رِضا جي لاءِ معاف ڪري ڇڏيون. غصو پي ڇڏڻ ۽ ماڻهن کي معاف ڪري ڇڏڻ بهترين خصوصيت ۽ پياري عادت آهي. سيپاري 1 سُوۡرَۃُ الۡبَقَرَہ جي آيت نمبر 109 ۾ ارشادِ خداوندي آهي:

فَاعۡفُوۡا وَ اصۡفَحُوۡا

 

ترجمو ڪنزالايمان: سو اوهان ڇڏي ڏيو ۽ معاف ڪريو.

سرڪارِ مَدِينَۂ مُنَوَّرہ، سُلطانِ مڪّۂ مُڪَرَّمَہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ معظم آهي: جيڪو غصو پي وٺندو جڏهن ته اهو نافذ ڪرڻ تي قدرت رکندو هجي ته الله عَزَّوَجَلَّ قيامت جي ڏينهن ان جي دل کي پنهنجي رِضا سان ڀري ڇڏيندو.

اَلْحَمْدُ لِلّٰہ عَزَّوَجَلَّ شيخ طريقت، اميرِ اہلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه ٻين کي ترغيب ڏيڻ سان گڏوگڏ پاڻ به ذاتي معاملن ۾ عفو ۽ درگذر کان ڪم وٺندا آهن گڏوگڏ تحديثِ نعمت جي لاءِ ارشاد فرمائن ٿا ته اَلْحَمْدُ لِلّٰہ عَزَّوَجَلَّ آئون پنهنجي اندر