Book Name:Madani Inamaat Rah e Nijaat
﴿3﴾رَحمت جا ستّر دروازا
صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّدٍ
جيڪو اهو دُرُود شريف پڙهندو آهي ان تي رحمت جا ستر دروازا کوليا ويندا آهن.([1])
﴿4﴾ڇھ لک دُرُودشريفن جو ثواب
اَللّٰھُمَّ صَلِّ عَلٰی سَیِّدِنَا مُحَمَّدٍ عَدَدَ مَا فِیْ عِلْمِ اللّٰہِ صَلَاۃً دَ اۤ ئِمَۃًۢ بِدَوَامِ مُلْكِ اللّٰہِ
حضرت اَحمد صاوِي عَلَیۡهِ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ الۡھَادِی ڪن بُزرگن کان نقل ڪن ٿا هن دُرُود شريف کي هڪ ڀيرو پڙهڻ سان ڇھ لک دُرُودشريف پڙهڻ جو ثواب حاصل ٿيندو آهي. ([2])
﴿5﴾قُربِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
اَللّٰھُمَّ صَلِّ عَلٰی مُحَمَّدٍ کَمَا تُحِبُّ وَ تَرضٰی لَہٗ
هڪ ڏينهن هڪ شَخص آيو ته حُضُورِ اَنور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي پنهنجي ۽ صِدّيقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي وچ ۾ ويهاريو، ان تي صَحابَه ڪرام رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهم کي تَعَجُّب ٿيو ته اهو مرتبي وارو شخص ڪير آهي جڏهن اهو هليو ويو ته سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: اهو جڏهن مون تي دُرُودِ پاڪ پڙهندو آهي ته ايئن پڙهندو آهي.([3])