Madani Inamaat Rah e Nijaat

Book Name:Madani Inamaat Rah e Nijaat

دل تنهنجي طرف مائل ٿي چڪي آهي، مون وٽ گھڻو مال آهي ۽ بهترين لباس آهن، تون اِهو ڪم ڇڏي ڏي آئون توکي ريشمي لباس ۽ گھڻو مال ڏيندس. هي پيشڪش ٻڌي ڪري ان جو نفس ان عورت جي طرف مائل ٿيڻ لڳو، پر فورًا ان پنهنجي عادت جي مطابق (نفس کي مخاطب ڪندي) چيو: ”اي نفس! الله عَزَّوَجَلَّ کان ڊڄ“ پوءِ ان عورت کي جواب ڏنو: ”مون کي پنهنجي ربّ عَزَّوَجَلَّ جو خوف آهي.“ اها عورت چوڻ لڳي: ”تون منهنجي خواهش پوري ڪرڻ جي بغير هتان وڃي نه ٿو سگھين.“ ان شخص ٻيهر چيو: ”اي نفس! الله عَزَّوَجَلَّ کان ڊڄ.“ ۽ نجات جي ترڪيب سوچڻ لڳو. آخرڪار ان عورت کي چيو: ”مونکي مهلت ڏي ته آئون ٻه رڪعتون نماز ادا ڪري وٺان.“ اجازت ملڻ تي ان وُضُو ڪيو ۽ ڇت تي هليو ويو، ان ٻه رڪعتون ادا ڪرڻ کان بعد ڇت کان هيٺ نهاريو ته ان جي اونچائي تقريبًا ويھ (20) گز هئي. ان بي وسي وچان آسمان جي طرف ڏٺو ۽ عرض ڪرڻ لڳو: ”اي منهنجا ربّ عَزَّوَجَلَّ! آئون وڏي عرصي کان تنهنجي عبادت ۾ مصروف آهيان، مون کي ان آفت کان نجات عطا فرما.“هي چئي ڪري هن ڇت کان ٽپو ڏنو. الله تعالٰي حضرت سَيدُنا جبرائيل عَلَیْہِ السَّلَام کي حڪم ڏنو: ”وڃ منهنجي ٻانهي کي زمين تي ڪرڻ کان اڳ سنڀالي وٺ، ڇو جو ان منهنجي ناراضگي جي سبب ٽپو ڏنو آهي. حضرت جبرائيل عَلَیْہِ السَّلَام جن نهايت تيزي سان اچي ڪري ان شخص کي سنڀالي ورتو ۽ زمين تي ويهاري ڇڏيو.

(دُرّة الناصحين ، ص۳۱۳ بتغير قليل)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل حڪايت مان معلوم ٿيو ته جيڪو شخص پنهنجي اعمال جو محاسبو ڪرڻ جو معمول بڻائي وٺندو آهي ته ان