Madani Inamaat Rah e Nijaat

Book Name:Madani Inamaat Rah e Nijaat

۽ ظاهري طور تي صدقو ڪرڻ جي ذريعي الله عَزَّوَجَلَّ سان پنهنجو تعلق جوڙي وٺو ته توهان کي رزق ڏنو وڃي، توهان جي مدد ڪئي وڃي ۽ توهان جي نقصان جي تلافي ڪئي وڃي.

(ابن ماجہ، ڪتاب اقامة الصلاة…الخ،باب في فرض الجمعة، ۲/ص ۵، حديث:۱۰۸۱)

سُبْحٰنَ الله عَزَّوَجَلَّ ان حديث پاڪ ۾ به فڪرِ آخرت ۽ چڱن عملن جي ترغيب ڏياريندي نبيِ مُڪَرَّم، نُورِمُجسَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن نيڪ عمل ڪرڻ وارن کي رزق ۾ فراخي ۽ مشڪلات جي آساني جي بشارت عطا فرمائي آهي، پر ياد رکو ته استقامت سان گڏ گناهن کان بچڻ ۽ نيڪيون ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عملن جو محاسبو ڪرڻ نهايت ضروري آهي، تنهنڪريِ هر شخص کي گھرجي ته اهو پنهنجي عملن جي انجام تي سنجيدگي سان غور ڪري ته جيڪو ڪجھ آئون ڪندو آهيان يا ڪري رهيو آهيان يا وري جيڪو ڪجھ ڪرڻ چاهيان ٿو، اهو منهنجي آخرت جي لاءِ فائديمند آهي يا نقصانڪار؟ يقينًا جيڪو مسلمان عملن جو محاسبو ۽ آخرت جي فڪر جي عادت بڻائي وٺندو ان جي ڪردار ۽ گُفتار ۾ آهستي آهستي نکار اچي ويندو ۽ ان جي آخرت به بهتر ٿي ويندي. اِنۡ شآءاللہ عَزَّوَجَلَّ عملن جي محاسبي جو فائدو ۽ اهميت جو اندازو ان ڳالھ مان لڳائي سگھجي ٿو ته قرآن ۽ حديث ۾ باقاعده ان جي ترغيب ڏياري وئي آهي، جيئن ته سيپاري 28 سُوۡرَۃُ الۡحَشۡر جي آيت نمبر 18 ۾ الله عَزَّوَجَلَّ ارشاد فرمائي ٿو:

یَااَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰہَ وَ لۡتَنۡظُرۡ نَفۡسٌ مَّا قَدَّمَتۡ لِغَدٍ ۚ

 

ترجمو ڪنزالايمان: اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ جڳائي ته هر ساھ سوچي ته سڀاڻي جي واسطي اڳتي هن ڇا موڪليو.