Beta ho to aisa - Haftawar Bayan

Book Name:Beta ho to aisa - Haftawar Bayan

صادقُ الوعد يعني واعدي جا سچا (2) غيب جون خبرون ڏيڻ وارا (3) اهل و عيال کي نماز ۽ زڪواة جو حڪم ڏيڻ وارا (4) ۽ الله عَزَّوَجَلَّ جا پسنديده ٻانها هئا.

واعدي جا سچا!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هتي اها ڳالھ ذهن نشين فرمائي وٺو ته سڀ انبياءِ ڪرام عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام واعدي جا سچا آهن، پر حضرت سَيّدُنا اِسمٰعيل
عَـلَيْـهِ الـسَّلَام ان صفت ۾ خاص شهرت رکندا آهن. پاڻ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جن ننڍپڻ ۾ پنهنجي والدِ محترم حضرت سَيّدُنا ابراهيم خليل الله عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام سان ڪيل واعدو ذبح جي وقت صبر ۽ رضا سان گڏ بخوبي پورو فرمايو.

(تفسير خازن،۴/۲۲)

هڪ ڀيري پاڻ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام هڪ شخص سان هڪ جڳھ تي ملڻ جو واعدو ڪيو ۽ پاڻ ان مقام تي پهچي ويا پر جنهن شخص کي اچڻو هو ان کان وسري ويو ايستائين جو شام ٿي وئي، پاڻ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام انهيءَ جڳھ تي پوري رات گذاري ڇڏي. صبح جڏهن اهو شخص آيو ته توهان کي موجود ڏٺائين ته حيرت ۾ پئجي ويو ۽ عرض ڪيو:توهان هتان کان ويا ناهيو؟ ته پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّلَام ارشاد فرمايو: نه، تنهنجي اچڻ کان پهريان آئون ڪيئن هليو وڃان ها.

(تفسير طبري،۴ /۳۵۱)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته حضرت سَيّدُنا اِسمٰعيل عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام ڪهڙي نه عُمده صفت جا مالڪ هئا جو پاڻ نبي ٿي ڪري به پنهنجي هڪ اُمّتي سان ڪيل واعدو نڀائڻ جي لاءِ پوري رات انهيءَ مقام تي بيٺا رهيا. تنهنڪري جيڪڏهن ڪا شرعي مجبوري نه هجي ته اسان کي به ان