Beta ho to aisa - Haftawar Bayan

Book Name:Beta ho to aisa - Haftawar Bayan

کان آسان نيڪ عمل ادا نه ٿا ٿي سگهن. ٿورو غور ڪريو جيڪڏهن اسان انهيءَ غفلت ۾ دنيا مان هليا وياسين ته قبر ۾ اسان جو ڇا ٿيندو؟ ۽ حشر ۾ اسان پنهنجي ربّ عَزَّوَجَلَّ کي ڇا جواب ڏينداسين؟ الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي حضرت سَيّدُنا اِسمٰعيل عَـلَيْـهِ الـسَّلَام جي صدقي صبر ۽ شڪر سان گڏ شريعت جي مطابق زندگي گذارڻ، پنهنجي ٻارن جي اسلامي اصولن جي روشني ۾ تربيت ڪرڻ ۽ ان مهيني ۾ نفلي روزا رکڻ جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِين بِجَاهِ النّبيِّ الاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

مجلسِ مڪتبة المدينه

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُلِلّٰہ عَزَّوَجَلَّ اڄ جي هن پُرفتن دور ۾ تبليغِ قرآن ۽ سُنت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوت اسلامي ڏينهن رات دين جي خدمت ۾ مصروفِ عمل آهي ۽ تقريباً 97 شعبن ۾ مدني ڪم ڪري رهي آهي، انهي شعبن ۾ هڪ شعبو مڪتبة المدينه به آهي. ياد رهي موجوده دور ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي لاءِ جديد ذريعن ۽ وسيلن جو استعمال وڏي اهميت جو حامل آهي. جيئن ته شيخِ طريقت، اميرِ اهلسُنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جن دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جو آغاز ۱۴۰۶ھ بمطابق 1986ء ۾ فرمايو ۽ سڀ کان پهريان بيانن جون آڊيو ڪيسيٽون جاري ڪيون ويون. مڪتبة المدينه ان مختصر عرصي ۾ جيڪا ترقي ڪئي اها پنهنجو مثال پاڻ آهي ڇو جو آڊيو ڪيسيٽن سان آغاز ڪرڻ واري مڪتبة المدينه جي تحت اڄ باقاعده وي.سي.ڊي مڪتب ۽ پاڪستان جي شهر بابُ المدينه (ڪراچي) ۾ هڪ عدد پرنٽنگ پريس