Beta ho to aisa - Haftawar Bayan

Book Name:Beta ho to aisa - Haftawar Bayan

هڪ روزو هزار(1000) روزن جي برابر

اُمُّ.المؤمنين حضرتِ سيّدتنا عائشہ صديقہ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهَا کان روايت آهي، رسول الله عَزَّوَجَلَّ و صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو، عرفہ (يعني 9 ذوالحجة الحرام ) جو روزو هزار روزن جي برابر آهي. (شُعَبُ الايمان ج۳ ص۳۵۷حديث۳۷۶۴)

پر حج ڪرڻ واري تي جيڪو عَرَفات ۾ آهي ان کي عرفہ (يعني 9 ذوالحجة الحرام) جي ڏينهن روزو رکڻ مڪروهه آهي جو حضرتِ سَيِّدُنا ابوهريره
رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته حضور ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم عَرَفہ (يعني9 ذوالحجة الحرام جي ڏينهن حاجيءَ کي) عرفات ۾ روزو رکڻ کان منع فرمايو.

(صحيح ابن خُزيمہ ج۳ص۲۹۲حديث:۲۱۰۱)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ملاحظه فرمايو ته ذُوالْحِجَّۃُ الْحَرام جي مهيني ۾ روزي رکڻ جون ڪيتري قدر فضيلتون ۽ برڪتون آهن، تنهنڪري اسان کي به گھرجي ته ان مهيني ۾ قرباني ۽ ٻين عبادتن سان گڏوگڏ نفلي روزا رکڻ جي به عادت بڻايون، اِنْ شَآءَاللهعَزَّوَجَلَّ ان جي سبب اسان کي بي شمار رحمتون ۽ برڪتون حاصل ٿينديون.

نَماز و روزہ وحَجّ و زکوٰۃ کی توفیق

عطا ہو اُمّتِ محبوب کوسدا یاربّ

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد