Book Name:Beta ho to aisa - Haftawar Bayan
آيت نمبر 125: اُدۡعُ اِلٰی سَبِیۡلِ رَبِّکَ بِالۡحِکۡمَۃِ
وَ الۡمَوۡعِظَۃِ الۡحَسَنَۃِ ”ترجمو ڪنزالايمان: پنهنجي ربّ جي واٽ جي طرف سڏ پڪي سمجهه ۽ چڱي
نصيحت
سان“ ۽ بخاري شريف (حديث؛ 4361) جي هن فرمانِ
مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم:
بَلِّغُوۡا عَنِّيۡ وَلَوۡ آيَة يعني ”منهنجي طرفان پهچايو جيتوڻيڪ هڪ ئي آيت
هجي“ ۾ ڏنل احڪام جي پيروي ڪندس * نيڪي جو حڪم ڏيندس ۽ بُرائي کان منع ڪندس * شعر پڙهڻ، عربي، انگريزي ۽ ڏکيا لفظ ڳالهائڻ دؤران دل جي
اخلاص تي توجُّھ رکندس يعني پنهنجي
علميت جو ڌاڪو ويهارڻ مقصود ٿيو ته ڳالهائڻ
کان بچندس * مدني قافلي، مدني انعامات ۽ علاقائي دوره براءِ نيڪي جي دعوت وغيره جي
رغبت ڏياريندس * ٽهڪ ڏيڻ ۽ ڏيارڻ کان بچندس * نظر جي حفاظت بڻائڻ جي خاطر حتي
الامڪان نگاهون جُهڪائي رکندس۔
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حضرتِ سَيّدُنا اِسمٰعيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام ، الله عَزَّوَجَلَّ جا مقرّب ۽ چونڊيل نبي آهن، الله عَزَّوَجَلَّ سندن کي خصوصي انعامن سان نوازيو آهي، اهو ئي سبب آهي ته سندن تي الله عَزَّوَجَلَّ جي طرف کان جيتريون به آزمائشون آيون، پاڻ ان ۾ توفيقِ الٰهي سان ثابت قدم رهيا، پاڻ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جو هڪ مشهور واقعو ۽ پوءِ ان مان حاصل ٿيندڙ مدني گُل به ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين.
ٽن راتين کان هڪ ئي خواب:
حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام اٺين ذوالحج جي رات هڪ خواب ڏٺو