Beta ho to aisa - Haftawar Bayan

Book Name:Beta ho to aisa - Haftawar Bayan

یٰۤاَبَتِ افۡعَلۡ مَا تُؤۡمَـرُ ۫سَتَجِدُنِیۡۤ اِنۡ شَآ ءَ اللہُ مِنَ ا لصّٰبِرِ یۡنَ ﴿۱۰۲

(سيپارو 23، سورھ الصّٰٓفّٰت آيت 102)

 

ترجمو ڪنز الايمان: اي منهنجا پيءُ ڪر جنهن ڳالهه جو توکي حڪم ٿئي ٿو، انشاءَ الله عنقريب تون مونکي صبر وارو لهندين.

مونکي رسين سان مضبوط ٻڌي ڇڏجو

تفسيرِ خازن ۾ آهي ته حضرت اسماعيل عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالسَّلَام پنهنجي والد محترم کي عرض ڪيو: بابا جان! ذبح ڪرڻ کان پهريان مون کي رسين سان مضبوط ٻڌي ڇڏجو ته جيئن مان حرڪت نه ڪري سگهان ڇو ته مون کي ڊپ آهي ته منهنجي ثواب ۾ گهٽتائي نه اچي وڃي ۽ منهنجي رت جي ڇنڊن کان پنهنجن ڪپڙن کي بچائجو ته جيئن انهن کي ڏسي منهنجي امڙ غمگين نه ٿئي. ڇري چڱي طرح تيز ڪري وٺو ته جيئن منهنجو ڳلو فوراً چڱي طرح ڪٽجي وڃي ڇو ته موت ڏاڍو سخت هوندو آهي، توهان مون کي ذبح ڪرڻ وقت منهنجي پيشاني زمين جي طرف ڪجو ته جيئن توهان جي نظر منهنجي چهري تي نه پوي ۽ جڏهن توهان منهنجي امڙ ڏي وڃو ته منهنجا سلام پهچائجو ۽ جيڪڏهن توهان مناسب سمجهو ته منهنجي قميص انهن کي ڏئي ڇڏجو، هن سان انهن کي تسلي ٿيندي ۽ صبر اچي ويندو. حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام ارشاد فرمايو: اي منهنجا پُٽ! توهان الله تعاليٰ جي حڪم تي عمل ڪرڻ ۾ منهنجا ڪيڏا نه عمده مددگار ثابت ٿي رهيا آهيو! پوءِ جيئن حضرت اسماعيل عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام فرمايو هو انهن کي اهڙي ئي طرح ٻڌي پنهنجي ڇُري تيز ڪئي، حضرت اسماعيل عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام کي پيشاني ڀر ليٽايو، انهن جي چهري تان نظر هٽائي ۽ انهن جي ڳلي تي ڇُري وهائي ڇڏي پر ڇُري پنهنجو ڪم نه ڪيو يعني ڳلو نه ڪٽيو.

(تفسير خازن ج 4، ص 22 ملخّصاً)