Book Name:Husn-e-Zan ki Barkatain
ٻڌايو ويو، ته اهو جبل تان هيٺ لٿو ۽ ان موچي وٽ پهتو. موچي جڏهن ان کي ڏٺو ته پنهنجو ڪم ڇڏي تعظيمًا بيهي رهيو ۽ وڏي عقيدت سان ان عابد جي دست بوسي ڪرڻ لڳو، پوءِ عرض گزار ٿيو؛ ”حضور! توهان کي ڪهڙي شيء عبادت خاني کان ٻاهر نڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي؟“
اهو عابد چوڻ لڳو؛ ”مان تنهنجي ڪري هتي آيو آهيان، مون کي ٻڌايو ويو آهي ته الله عَزَّوَجَلَّ جي بارگاهه ۾ تنهنجو رتبو مون کان وڌيڪ آهي؟“ ان سبب کان مان تنهنجي زيارت ڪرڻ آيو آهيان، مون کي ٻڌاءِ ته اهو ڪهڙو عمل آهي، جنهن جي ڪري تنهنجو الله عَزَّوَجَلَّ جي بارگاهه ۾ اعلٰي مقام حاصل آهي؟ اهو موچي خاموش رهيو، ڄڻ اهو پنهنجي عمل جي باري ۾ ٻڌائڻ کان گھٻراهٽ محسوس ڪري رهيو هو. پوءِ چوڻ لڳو؛ ”منهنجو ٻيو ته خاص عمل ناهي، ها! ايترو ضرور آهي ته مان سڄو ڏينهن رِزقِ حَلال ڪمائڻ ۾ مشغول رهندو آهيان ۽ حرام مال کان بچندو آهيان، پوءِ الله تعالٰي مون سڄي ڏينهن ۾ جيترو رزق عطا فرمائيندو آهي، مان ان مان اڌ ان جي راهه ۾ صدقو ڪري ڇڏيندو آهيان، ۽ اڌ بنهنجي اهل ۽ اهيال تي خرچ ڪندو آهيان، ٻيو عمل اهو آهي ته مان ڪثرت سا روزا رکندو آهيان ان کان علاوه ڪا ٻئي شيء منهنجي اندر اهڙي نه آهي جيڪا باعثِ فضيلت آهي.“
هي ٻڌي عابد ان نيڪ موچي کان هليو ويو ۽ ٻيهر عبادت ۾ مشغول ٿي ويو. ڪجهه عرصي کان پوءِ ٻيهر ان کي خواب ۾ چيو ويو؛ ”ان موچي کان پڇيو ته ڪهڙي شيء جي خوف توهان جو چهرو زرد ڪري ڇڏيو آهي؟ جيئن ته اهو عابد ٻيهر موچي وٽ آيو ۽ ان کان پڇيو: ”تنهنجو چهرو زرد ڇو آهي؟ آخر تو کي ڪهڙي شيء جي خوف گهيريو آهي؟“ موچي جواب ڏنو؛ ”جڏهن به