Book Name:Husn-e-Zan ki Barkatain
مان ڪنهن شخص کي ڏسندو آهيان ته منهنجو هي گمان هوندو آهي ته هي شخص مون کان سٺو آهي، هي جنّتي آهي ۽ مان جهنّم جي لائق آهيان، مان پنهنجو پاڻ کي حقير سمجهندو آهيان ۽ پنهنجو پاڻ کي وڌيڪ گنهگار تصور ڪندو آهيان ۽ مون کي هر وقت جهنّم جو خوف کائي ويندو آهي. بس اهو ئي سبب آهي جو منهنجو چهرو زرد آهي.“ اهو عابد واپس پنهنجي عبادت خاني ۾ هليو ويو.
حضرت سَيّدُنا خلد بن ايوب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا؛ ”ان موچي کي ان عبادت گذار شخص تي ان ڪري فضيلت ڏني وئي جو اهو ٻين جي مقابلي ۾ پنهنجو پاڻ کي حقير سمجهندو هو ۽ پنهنجي علاوه سب کي جنّتي سمجهندو هو“ (الله عَزَّوَجَلَّ جي انهن تي رحمت هجي ۽ انهن جي صدقي اسان جي مغفرت ٿئي.)
اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جبل جي چوٽي تي 60 سالن تائين الله عَزَّوَجَلَّ جي عبادت ڪرڻ واري عابد کان وڌيڪ هڪ موچي کي ان کان وڌيڪ عبادت گزار ۽ وڏو مقام حاصل ٿيو، ان نيڪ ۽ صالح موچي جي خصوصيات ڇا هيون جو اهو سڄو ڏينهن رزقِ حلال ڪمائيندو، حرام کان بچندو ۽ پوءِ اڌ مال راههِ خدا ۾ صدقو ڪري ڇڏيندو هو. ٻيو عمل ان نيڪ ۽ صالح موچي جو هي هو ته ڪثرت سان روزا رکڻ ۽ خاص طور تي اهو عمل جنهن جي بنا تي ان نيڪ ۽ صالح موچي کي 60 سالن تائين الله عَزَّوَجَلَّ جي عبادت ڪرڻ واري عابد کان وڌيڪ مقام حاصل هو، اهو خاص عمل هي هو ته اهو سڀني کان سٺي گمان رکندو ۽ سڀني کي پاڻ کان بهتر سمجهندو، پنهنجي علاوه سڀني