Husn-e-Zan ki Barkatain

Book Name:Husn-e-Zan ki Barkatain

کي جنّتي سمجهندو ۽ پاڻ  ان جي پنهنجي ڪيفيت هي هئي ته جهنّم جي خوف کان ان جو چهرو زرد ٿي ويو هو.

تیرے خوف سے تیرے ڈر سے ہمیشہ        میں تھر تھر رہوں کانپتا یا الٰہی

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! سٺو گمان هڪ عمده عبادت آهي، سيني ۾ ڌڙڪڻ وارو دل به اسان جي نامه اعمال ۾ نيڪين جي اضافي جو سبب بڻجندو يا گناهن جي ترقي ۾ برابر جو شريڪ ٿيندو، جڏهن ميدانِ محشر ۾ هٿ، پير، اک، ڪن وغيره کان حساب ورتو ويندو ته هي دل به ان اعضاء سان گڏ شريڪ ٿيندو. جيڪڏهن مسلمانن کان سٺو گمان رکندو ته هي دل اسان جي لاءِ نيڪين ۾ اضافي جو سبب بڻجندو ۽ جيڪڏهن مسلمانن کان بلا وجه بد گُماني رَکي ته ياد رکو! ان تي پڪڙ جو خوف آهي.

جيئن ته بني اسرائيل، آيت نمبر 36 ۾ ارشاد ٿئي ٿو؛

اِنَّ السَّمۡعَ وَ الۡبَصَرَ وَ الۡفُؤَادَ
 کُلُّ  اُولٰٓئِکَ کَانَ  عَنۡہُ  مَسۡـُٔوۡلًا ﴿۳۶﴾

 

ترجمو ڪنزالايمان؛ بيشڪ ڪن ۽ اکيون ۽ دل سمورن کان پڇا ٿيڻي آهي.

سَيّدي اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائي رهيا آهن؛ اها دل جنهن ۾ پوري جسم جي خير خواهي جو جذبو هوندو آهي، جيڪڏهن ڪنهن هڪ عضوي کي تڪليف ٿئي ته دل فورًا پريشان ٿي ويندو آهي ۽ اسان جو حال هي آهي ته اسان جي دل پاڻ ئي گناهه ڪري بيمار ٿي چڪي آهي، ته هي دل ڪهڙي طرح تيماداري ۽ خير خواهي ڪندي، الله عَزَّوَجَلَّ ڄاڻي اسان جو ڇا ٿيندو؟

عاشقِ اعلٰي حضرت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ فرمائن ٿا؛

دل کے تیمار ہمارا کرتا         آپ بیمار ہے کیا ہونا ہے