Lambi Umeedon kay Nuqsanat

Book Name:Lambi Umeedon kay Nuqsanat

الله عَزَّوَجَلَّ جي ياد کان غافل ڪري، اها توهان جي لاءِ منحوس آهي، هي به ڄاڻي  وٺو! دنيا وارا قبر وارن وانگر آهن جيڪو هٿ مان نڪري ويندو آهي، ان تي افسوس ڪندا آهن ۽ جيڪو ڪجهه اڳين جي لاءِ جمع ڪري ڪندا آهن،  ان تي خوش ٿيندا آهن، جيئن ته فرق صرف ايترو آهي جو جنهن شيء تي قبر وارا افسوس ڪندا آهن، دنيا وارا ان جي خاطر مقابلو ۽ قتل و غارت گري ڪندا آهن ۽ عدالت ۾ ان جي لاءِ مقدّمه وڙهندا آهن.

(احياءُ العلوم، ج. 5، ص. 200)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! الله عَزَّوَجَلَّ جي نيڪ ٻانها آخرت جي تياري جي لاءِ نيڪين ۾ اهڙي طرح مصروف نظر ايندا آهن، جيئن ڪو ظاهر شناس انسان  ان فاني دنيا کي ئي آبادڪاري جي لاءِ هر گهڙي بي قرار نظر ايندو آهي ۽ جهڙي طرح ان کي خوف هوندو آهي ته جيڪڏهن مون ٿوڙي به غفلت ڪئي ته پنهنجي ساٿين کان گهڻو پويان ٿي ويندس، ٿوڙي ڪا ڀُل چڪ ٿي، ته منهنجو متوقع نفعو (ملڻ وارو فائدو) خساري ۾ تبديل ٿي ويندو، اهڙي طرح الله عَزَّوَجَلَّ جي نيڪ ٻانهن کي هي خوف لاحق هوندو آهي ته جيڪڏهن اهي دنياوي لذّتن ۽ آسائشن  ۾ گم ٿي ويندا ته ابدي زندگي ويران ٿي سگهي ٿي. اها ابدي زندگي جيڪا ڪڏهن ختم ٿيڻ واري ناهي، سٺ (60) يا ستر (70) سال دنياوي زندگي جي ڪشش، لذّتن ۽ آسائشن ۾ ڦاسي ڪري هن دائمي حياتِ کي بي رونق ۽ بي ڪيف بنائڻ، يقينًا بي عقلي ۽ جنون آهي. آخرت جي فڪر جي سبب انهن کي نه ته دنيا جا عاليشان محلّ وڻندا آهن ۽ نه  مال و دولت انهن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪنديون آهن. دراصل ان جو نگاهون ته پنهنجي خالق ۽ مالڪ عَزَّوَجَلَّ جي رِضا تي ڄمي وينديون آهن. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! دعوتِ