Lambi Umeedon kay Nuqsanat

Book Name:Lambi Umeedon kay Nuqsanat

ڌومون مچائي رهيا آهن.

ڊگهين اميدن جا اسباب ۽ علاج

مٺا مٺا اسلامي ڀئرو! هر مرض جا ڪيترائي اسباب آهن، جيڪڏهن انهن اسبابن کي ختم ڪيو وڃي ته اهو مرض به ختم ٿي سگهي ٿو، تنهنڪري ڊگهي اميدن جا اسباب ۽ علاج پيش خدمت آهن.

پهريون سبب:دنيا جي محبت

ڊگهي اميدن جو پهريون سبب حُبّ دنيا ( يعني دنيا جي محبت) آهي، امير الموۡمنين حضرت سيّدنا عليُّ المرتضيٰ شير خدا رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان مروي آهي ته سيّدالمُبلغين، رحمت للعٰلمين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان عاليشان آهي: مون کي توهان تي ٻن ڳالهين جو تمام گهڻو خوف آهي، خواهن جي پيروي ڪرڻ ۽ ڊگهيون ڊگهيون اميدون رکڻ. خواهش جي پيروي ته حق ڳالهه کان روڪيندي آهي ۽ ڊگهيون ڊگهيون اميدون دنيا جي محبت ۾ مبتلا ڪري ڇڏينديون آهن. ياد رکو! بيشڪ الله تعاليٰ ان کي به دنيا عطا فرمائيندو آهي جنهن سان محبت ڪندو آهي ۽ ان کي به ڏيندو آهي جنهن کي نا پسند ڪندو آهي، پر جڏهن هو ڪنهن ٻانهي سان محبت فرمائيندو آهي ته ته ان کي ايمان (جي دولت) عطا فرمائيندو آهي. ٻُڌو! ڪجهه ماڻهو دين وارا آهن ۽ ڪجهه دنيا وارا. تواهان دين وارا ٿيو، دنيا وارا نه ٿيو. ياد رکو! دنيا پُٺ ڦيري ويندي آهي. ڄاڻي وٺو! آخرت ويجهي اچي وئي آهي. خبردار! اج توهان عمل جي ڏينهن ۾ آهيو، ان ۾ حساب ناهي ۽ عنقريب توهان حساب جي ڏينهن ۾ هوندا، جتي ڪو به عمل نه هوندو. (موسوعة ابن ابي الدنيا، ج. 3، ص. 303، رقم 3) جڏهن ٻانهو دنيا سان ايتري محبت ڪري جو دنياوي خواهشون، لذّتن ۽ معاملن جو جدا هئڻ، ان جي دل کي نه وڻي ته ان