Lambi Umeedon kay Nuqsanat

Book Name:Lambi Umeedon kay Nuqsanat

جي دنياوي لذّتن کي ختم ڪرڻ واري موت جي باري ۾ سوچ ويچار کان رڪجي ويندو آهي.جيڪا شيء انسان کي نا پسند هوندي آهي، ان کي پاڻ کان پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، جڏهن ته اهو ئي انسان بيڪار قسم جي خواهشن ۾ مصروف نظر ايندو آهي ۽ چاهيندو آهي ته هر ڪم خواهش جي مطابق ٿي وڃي. تنهنڪري دنيا ۾ هميشه رهڻ ئي ان جي اصل چاهت هوندي آهي ۽ انهيءَ ڪري مسلسل انهن خيالن ۾ ڦاٿل هوندو آهي ۽ پنهنجي دل ۾ گهر، گهرواريءَ، ٻار، دوست يار، مال ۽ دولت ۽ ٻين تمام اسبابن کي ضروري سمجهندو آهي ۽ پوءِ انهيءَ ئي سوچ تي ان جي دل ڄمي ويندي آهي ۽ ايئن موت کي وساري ڇڏيندو آهي.

دنيا جي محبت جو علاج

 هن سبب جو علاج هي آهي ته قيامت جي ڏينهن ۽ ان ۾ ٿيڻ واري سخت عذاب ۽ ملڻ واري تمام وڏي ثواب تي ايمان پڪو ڪري، جڏهن ان تي ڪامل يقين اچي ويندو ته دل مان دنيا جي محبت نڪري ويندي ڇو ته بهتر شيء جي محبت دل مان بيڪار شيء جي محبت ڪڍي ڇڏيندي آهي ۽ جڏهن ٻانهو دنيا کي حقارت ۽ آخرت کي پسنديده نگاهن سان ڏسندو ته دنيا ڏانهن توجهه ڪرڻ ۾ ناگواري محسوس ڪندو، ڀلي ان کي اولھ ۽ اوڀر جي بادشاهت ئي ان کي ڇو نه ڏني وڃي. اهو ڪيئن دنيا تي خوش ٿيندو يا ان جي دل ۾ دنيا جي محبت ويهندي؟ جڏهن ته ان جي دل ۾ ته آخرت تي ايمان پڪو ٿي ويو آهي. اسان الله عَزَّوَجَلَّ کان دعا ٿا ڪريون ته دنيا کي اسان جي نگاهن ۾ اهڙي ئي حيثيت ڏي جهڙي ان پنهنجي نيڪ ٻانهن جي نگاهن ۾ ڏني.

ٻيو سبب: جهالت ۽ لاعلمي

ڊگهي اميدن جو ٻيو سبب جهالت ۽ لاعلمي آهي.