Lambi Umeedon kay Nuqsanat

Book Name:Lambi Umeedon kay Nuqsanat

وابسته ٿي وڃو، ان جي برڪت سان ڊگهيون اميدون گهٽجي وينديون، خوف خدا وڌندو، دنيا جي محبت گهٽ ٿيندي، مال جي محبت دل مان نڪري ويندي ۽ ايثار جو جذبو پيدا ٿيندو. اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

12 ڏينهن جو مدني ڪورس جو تعارف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! نيڪ ٿيڻ ۽ ٻين کي نيڪ بنائڻ جي ڪوشش جو جذبو حاصل ڪرڻ لاءِ 12 ڏينهن جو مدني ڪورس به ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪرڻ گهرجي.

شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت حضرت علامه مولانه ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جن هن فتني واري دور ۾ نيڪيون ڪرڻ ۽ گناهن کان بچڻ جي طريقن تي مشتمل شريعت ۽ طريقت جو جامع مجموعو مدني انعامات جي صورت ۾ عطا فرمايو آهي، هن 12 روزه مدني ڪورس ۾ هنن مدني انعامات تي عمل ڪرڻ جون آسانيون ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي عملي مشق به ڪرائي ويندي آهي، ان کان علاوه تَهَجُّد، اِشراق ۽ چاشت، صحيح تلفُّظ سان قرآن پاڪ جي تلاوت، وِرد ۽ وظيفا، مناجات، مدني حلقه ۽ شجرو شريف به پڙهايو ويندو آهي. ۽ باطن جي اصلاح ۽ تربيت جي لاءِ مُهلِڪات (يعني هلاڪت ۾ وجهڻ وارين باطني بيمارين) مثلاً حسد، تڪبّر، رياڪاري، بدگماني وغيره موضوعن تي بيان، نماز جو طريقو، فضول ڳالهين کان بچڻ لاءِ اشارا ۽ گهڻو ڪجهه سکڻ جو موقعو ملندو آهي.

دعاءِ عطار!