Lambi Umeedon kay Nuqsanat

Book Name:Lambi Umeedon kay Nuqsanat

اسلامي جي مدني ماحول جي برڪت سان اڄ دنيا سان بي رغبتي ۽ نااُميدي جي اهڙا مثال موجود آهن، جن جي واقعن کي غور سان پڙهڻ کان پوءِ بزرگانِ دين رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی جي ياد تازه ٿي ويندي آهي ان سلسلي ۾مفتي دعوتِ اسلامي جي طرزِ زندگي سماعت ڪريو؛

مفتي دعوتِ اسلامي جا واقعات

مفتي دعوتِ اسلامي ابو عمر مفتي فاروق عطاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن جي عادتِ مبارڪه هئي ته پنهنجي الماڙي ۾ ڪپڙن جا صرف چار (4) جوڙا رکندا، ربيع الاول شريف ۾ نوان ڪپڙا سبرائيندا ته پراڻا ڪنهن کي ڏئي ڇڏيندا. انتقال کان ڪجهه عرصو پهريان جڏهن پنجاب تشريف کڻي ويا، ته پنهنجا تمام جوڙا  کڻي ويا ۽ تقسيم ڪري ڇڏيائون.

جامعة المدينه هجي يا دارُالافتاء، مفتيءِ دعوتِ اسلامي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڪڏهن به پگھار وڌائڻ جو مطالبو نه ڪيو. مرڪزي مجلسِ شورٰي  جي نگران حضرت مولانا حاجي ابو حامد محمد عمران عطاري مَدَّظِلُّہُ الۡعِالِی جن جو بيان آهي ته ”حال ۾ ئي (يعني انهن جي وفات کان ڪجهه عرصو پهريان) ان جو مشاهرو وڌيو هو، ته هي منهنجي گهر پاڻ تشريف فرما ٿيا. انتهائي پريشانيءَ ۾ هئا. مون کي فرمائڻ لڳا ته منهنجي پگھار ڪافي وڌي وئي آهي، مون کي ايتري وڌيڪ رقم جي حاجت ناهي، تنهنڪري مون تي ڪرم ڪيو وڃي ۽ منهنجو مشاهرو نه وڌايو وڃي.“

پنهنجي انتقال کان ڪجهه عرصو پهريان مفتيِ دعوتِ اسلامي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجو اسڪوٽر ۽ ليپ ٽاپ (Lap top) ڪمپيوٽر وغيره سڀ کپائي ڇڏيا هئا ۽ فرمايو ته هاڻي مون کي ان جي ضرورت ناهي.