Lambi Umeedon kay Nuqsanat

Book Name:Lambi Umeedon kay Nuqsanat

ٽي فرمانِ مصطفٰي

اچو! ڊگهين اميدن جي آفات جي متعلق ٽي فرمانِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون ٿا؛ جيئن ته،

1.      ”ڇهه شيون عمل کي ضائع ڪري ڇڏينديون آهن؛ (1) مخلوق جي عيبن جي ٽوهه ۾ لڳي رهڻ (2) دل جي سختي (3) دنيا جي محبت (4) حيا جي ڪمي (5) ڊگهي اميد ۽ (6) حد کان وڌيڪ ظلم. (ڪنز العمال، ج. 16، ص. 36، حديث 44016)

2.      عقلمند اهو آهي جيڪو پنهنجي نفس جي خواهشن کي ڪمزور ڪري ڇڏي ۽ موت کان پوءِ اچڻ واري زندگي جي لاءِ نيڪ عمل ڪري ۽ عاجز ۽ لاچار اهو آهي، جيڪو نفساني خواهشن جي پيروي ڪري ۽ الله عَزَّوَجَلَّ کان ڊگهيون اميدون رکي. (شعب الايمان، ج. 7، ص. 350، حديث 10546)

3.      ”مون کي پنهنجي امت تي جنهن شين جو خوف آهي، انهن مان خوفناڪ شي نفساني خواهش ۽ ڊگهي اميد آهي“ (الڪامل في ضعفاء الرجال، ج. 6، ص. 316)

ڊگهي اميد نيڪ بڻجڻ ۾ رڪاوٽ آهي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! گھڻي عمر جي ڊگهي اميد نمازون قضا ڪرائيندي آهي، زڪوٰة ۽ فرض حج جي ادائگي ۾ تاخير ڪرائيندي آهي، هميشه آسائش ڀري زندگي جي ڊگهي اميد ڏک، تڪليف ۽ مشقت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندي آهي.، ڊگهيون اميدون انسان جي دل ۾ مال ۽ دولت جي هَوَس پيدا ڪنديون آهن، ڊگهيون اميدون ئي  بلند ۽ بالا عمارتون تعمير ڪرڻ تي اڀارينديون آهن، ڊگهيون اميدون ئي انسان جي دل مان قيامت جي ڏينهن