Dil ki Sakhti

Book Name:Dil ki Sakhti

الَّذِیۡ  خَلَقَ الۡمَوۡتَ وَ الۡحَیٰوۃَ لِیَبۡلُوَکُمۡ  اَیُّکُمۡ  اَحۡسَنُ عَمَلًا ؕ (پ:۲۹، المُلڪ:۲)

 

ترجموڪنزُالايمان: اهو جنهن موت ۽ زندگي کي پيدا ڪيو ته جيئن توهان جو امتحان ٿئي ته توهان مان ڪنهن جا ڪم  وڌيڪ بهتر آهن ۔

 غور ڪيو ته اسان جي زندگي جو مقصد الله عَزَّوَجَلَّ جي عبادت ۽ نيڪ عمل جي ڪثرت ڪرڻ آهي، پر دل جي سختي اهڙي بيماري آهي جو ان جي ڪري اِنْسان پنهنجي حياتي جي مقصد کي به وساري ڇڏيندو آهي۔

ٽيون نقصان

دل جي سختي جو هڪ نقصان اهو به ٿيندو آهي جو ان جي نحوست سان اڳوڻا نيڪ عمل ضائع ٿي ويندا آهن۔ جيئن ته نبي ڪريم صَلَّي الله تَعَالٰي عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: ڇھ (6) شيون عملن کي ضايع ڪنديون آهن: (1) مخلوق جي عيبن جي ڳولھا ۾ لڳو رهڻ (2) دل جي سختي (3) دُنيا جي مَحَبَّت (4) حيا جي ڪمي (5) لمبيون لمبيون اميدون (6) حد کان وڌيڪ ظلم۔ )ڪنزالعُمال،ڪتاب المواعظ،الفصل السادس ،الجزء ۱۶، ج ۸، ص ۳۶، حديث : ۴۴۰۱۶)

چوٿون نُقصان

دل جي سختي جي هڪ نحوست اها به آهي جو انسان الله
عَزَّ وَجَلَّ  جي ناراضگي ۽ ان جي طرفان لعنت (يعني اُن جي رحمت کان دُوري) جو مُسْتَحِق ٿي ويندو۔ جيئن حضرت ِسَيدُنا علي رَضِي اللّٰه تَعَالٰي عَنْه کان مروي آهي ته رسولِ نذير، محبوبِ ربِّ قدير صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه واٰلهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ نصيحت نشان آهي: منهنجي اُمَّت جي رحمدل ماڻهن کان ڀلائي طلب