Dil ki Sakhti

Book Name:Dil ki Sakhti

مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔ (مِشْڪاة الْمَصابِيح ،ج۱ ص۵۵ حديث ۱۷۵ دارالڪتب العلمية بيروت )

سینہ تری سُنَّت کا مدینہ بنے آقا

جنَّت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

”اَلسّلامُ عَلَيڪُم“ جي يارهن اکرن جي نسبت سان سلام جا 11 مدني گل

نسبت سان سلام جا 11 مدني گل

][ مسلمان سان ملاقات ڪرڻ وقت ان کي سلام ڪرڻ سنّت آهي۔ ][ ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا ملاقات ٿئي، هڪ ڪمري کان ٻئي ڪمري ۾ بار بار اچڻ وڃڻ ٿئي، اتي موجود مسلمانن کي سلام ڪرڻ ثواب جو ڪم آهي ][ سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ سنّت آهي ][ سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو الله عَزَّوَجَلَّ جو مُقرّب آهي ][ سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو تَڪَبُّر کان به بَري آهي جيئن منهنجي مڪي مدني آقا، مٺي مٺي مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو فرمان آهي؛ سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو تَڪَبُّر کان بَري آهي۔ (شعب الايمان ج 6 ص 433) ][ سلام (۾ اڳرائي) ڪرڻ واري تي 90 رحمتون ۽ جواب ڏيڻ واري تي 10 رحمتون نازل ٿين ٿيون۔ (ڪيمياء سعادت ) ][ اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ چوڻ سان 10 نيڪيون ملن ٿيون، گڏوگڏ وَرَحْمَة الله به چوندا ته 20 نيڪيون ٿي وينديون ۽ وَبَرَکَاتُہٗ شامل ڪندؤ ته 30 نيڪيون ٿي وينديون۔ ][ اهڙي طرح جواب ۾ وَعَلَیْکُمُ السَّلامُ وَرَحْمَۃُ الله وَبَرَکاتُہٗ چئي 30 نيڪيون حاصل ڪري سگھجن ٿيون ][ سلام جو جواب جلدي ۽ ايڏي آواز سان ڏيڻ واجب آهي جو سلام ڪرڻ وارو ٻڌي وٺي ][ سلام ۽ سلام جي جواب جو صحيح