Dil ki Sakhti

Book Name:Dil ki Sakhti

تاريڪ وادي ۾گم ٿي ويندو آهي ۽ دنيا ۽ آخرت جي بربادي کان علاوھ ڪجھ نه ورندو آهي۔

(4)اِيمان جو ڪمزور ٿيڻ

دل جي سختي جي هڪ نشاني اها به آهي جو جڏهن ٻانهي جي سامهون حدود الله جي خلاف ورزي ڪئي وڃي ۽ بي شرمي ۽ بي حيائي جي ذريعي گناهن جو بازار گرم ڪيو وڃي تڏهن به ان جي غيرتِ ايماني بيدار نه ٿئي ۽ اهو ان برائي کي نه روڪي يا روڪي نٿو سگھي ته دل ۾ بُرو به نه ڄاڻي ته سمجھڻ گھرجي ته ان جي دل سخت ٿي وئي آهي۔

نفس و شیطاں ہو گئے غالب

 

اِن کے چُنگل سے تُو چُھڑا یا ربّ

کر کے توبہ میں پھر گناہوں میں

 

ہو ہی جاتا ہوں مُبتلا یا ربّ

نِیم جاں کر دِیا گناہوں نے

 

مرضِ عصیاں سے دے شِفا یا ربّ

(وسائلِ بخشش مُرمّم، ص79)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                    صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! انهن علامتن ۽ نشانين سان بخوبي اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته دل جي سختي ڪيتري قدر خطرناڪ مرض آهي، دل جي سختي هڪ اهڙي بيماري آهي جيڪا انسان کي الله عَزَّوَجَلَّ جي راهه کان هٽائي نفس ۽ شيطان جو پيروڪار بڻائيندي آهي۔ دل جي سختي کان جان ڇڏائڻ جو هڪ طريقو هي آهي جو ٻانهو انهن وجوهات ۽ اسباب تي غور ڪري، جيڪي دل جي سختي جو سبب