Dil ki Sakhti

Book Name:Dil ki Sakhti

اوهان صداءِ مدينه لڳائي؟ (دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ نمازِ فجر جي لاءِ مسلمانن کي جڳائڻ کي صداء مدينه لڳائڻ چئبو آهي)"

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                    صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٿي سگھي ٿو ته اسان جي اِنْفرادي ڪوشش سان ڪو  پڪو نمازي بڻجي وڃي ۽ اسان جي لاءِ ثوابِ جاريه جو ذريعو بڻجي وڃي۔ اچو ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا۔

بي نمازي، نمازي بڻجي ويو

سردارآباد (فيصل آباد، پنجاب پاڪستان) جي هجويري ٽاون، محله بلال گنج ۾ مقيم اسلامي ڀاء جي بيان جو خلاصو آهي ته دعوتِ اسلامي جي پاڪيزه مدني ماحول کان وابسته ٿيڻ کان پهريان مَعَاذَالله
عَزَّ وَجَلَّ مان هڪ ماڊرن، ڪلين شيوڊ، فلمون ڊراما ڏسن ۽ گانا باجا ٻڌڻ منهنجو پسنديده شغل هو، پنج وقت جي نماز ته ڇا جمعو پڙھڻ کان به محروم رهندو۔ هڪ ڏينهن ڪنهن عزيز جي گھر وڃڻ ٿيو، اتي ويٺي ويٺي اوچتو منهنجي نگاھ الماري ۾ رکيل هڪ اسلامي ڪتاب تي پئي، مون اهو ڪتاب کنيو ۽ پڙھڻ شروع ڪري ڇڏيو۔ ڪتاب تمام سٺو هو ان ڪري منهنجي دل ۾ ديني ڪتابن جي مطالعي جو شوق پيدا ٿيو، پوءِ مون پنهنجي دوست کان مطالعي جي لاءِ ڪجھ ڪتاب گھريا، ان مون کي قبر و آخرت جي باري ۾ اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جا ڪجھ رسالا ڏنا۔  جڏهن مون انهن رسالن جو مطالعو ڪيو ته مون تي رِقّت طاري ٿي وئي، منهنجي اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا ۽ ان