Dil ki Sakhti

Book Name:Dil ki Sakhti

قبرن جي  زيارت کان منع ڪيو هو پر هاڻي توهان قبرن جي زِيارت ڪيو، جو اها دل کي نرم ڪندي، اکين مان لڙڪ ڪڍندي ۽ آخرت جي ياد ڏياريندي آهي۔     (المستدرڪ،ڪتاب الجنائز،۱/۷۱۰،الحديث:۱۴۳۳)

بيان جو خلاصو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!اڄ اسان دل جي سختي جي باري ۾ بيان ٻڌو، يقيناً دل جي سختي الله عَزَّوَجَلَّ  جي طرفان ڄڻ سزا آهي جو جنهن جي سبب انسان وڏي کان وڏو گُناھ  به ڪندو آهي ايستائين جو ڪفر تائين وڃي پهچي ٿو، دل جي سختي انسان کي ظالم بڻائيندي آهي، دل جي سختي الله عَزَّوَجَلَّ  جي رحمت کان پري ڪري ڇڏيندي آهي، دل جي سختي بدبختي جي علامت آهي، دل جي سختي عبادت کان پري ڪندي آهي، دل جي سختي ايمان کي ڪمزور ڪندي آهي، دل جي سختي گُناهن تي دلير ڪندي آهي، دل جي سختي اڳوڻن نيڪ عملن کي ضائع ڪندي آهي ،دل جي سختي جي هڪ نحوست اها به آهي ته انسان جي دل تي نصيحت جي ڪا ڳالھ اثر ناهي ڪندي۔ الله عَزَّوَجَلَّ  اسان کي  دل کي سخت ڪرڻ وارن اسبابن تي غور ڪندي انهن کان بچڻ جي توفيق عطافرمائي۔  اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه واٰلهٖ وَسَلَّم

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                                         صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان