Book Name:Ashabe Khaf Ka Waqiya
پنهنجو ايمان ظاهر نه ڪري سگھندو هو جڏهن ته اڄ اسلامي علامتون ظاهر آهن۔ پوءِ ڪجھ دير بعد پاڻ رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْه تندور واري جي دُڪان تي ويا ۽ ماني خريدڻ جي لاءِ ان کي دقيانوسي روپيو ڏنو، جنهن جو رواج صديون اڳ ۾ ختم ٿي ويو هو ۽ ان کي ڏسڻ وارو به ڪو باقي نه رهيو هو۔ بازار وارن خيال ڪيو ته ڪو پراڻو خزانو اِن کي هٿ لڳو آهي، پوءِ اهي ان کي پڪڙي حاڪم وٽ وٺي ويا، اهو نيڪ شخص هو، هن ان کان پڇيو ته خزانو ڪٿي آهي؟ انهن چيو ته خزانو ڪٿي ناهي۔ اهو روپيو اسان جو پنهنجو آهي۔ حاڪم چيو: اها ڳالھ ڪنهن طرح يقين جوڳي نه آهي، ڇوته ان ۾ جيڪو سال لکيل آهي اهو 300 سال اڳ جو آهي ۽ اوهان نوجوان آهيو، اسان پوڙها آهيون، اسان ڪڏهن اهو سڪو ناهي ڏٺو۔ پاڻ رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْه فرمايو: ٺيڪ آهي مان جيڪو توهان کان معلوم ڪيان اهو توهان ٺيڪ ٺيڪ ٻڌايو ته مسئلو حل ٿي ويندو۔ اهو ٻڌايو ته دقيانوس بادشاھ ڪهڙي حال ۾ آهي؟ حاڪم چيو: اڄ رُوئي زمين تي ان نالي جو ڪو بادشاھ ناهي، سوين سال اڳ هڪ بي ايمان بادشاھ ان نالي جو گذريو هو۔ پاڻ فرمايائون: ڪلھ ئي ته اسان ان جي خوف سبب جان بچائي ڀڄيا آهيون ۽ منهنجا ساٿي ويجھو جبل ۾ هڪ غار اندر پناھ ورتي آهي، هلو مان توهان کي انهن سان ملايان، حاڪم ۽ شهر جا سردار ۽ هڪ وڏو تعداد ان سان گڏ غار جي ڪناري پهچي ويا۔ اَصحابِ ڪهف يَمْلِيخَا جي انتظار ۾ ها، جڏهن انهن گھڻن ماڻهن جي اچڻ جو آواز ٻڌو ته سمجھيا ته يَمْلِيخَا پڪڙجي پيو آهي ۽ دقيانوسي فوج اسان جي تلاش ۾ اچي پئي۔ پوءِ اهي الله عَزَّوَجَلَّ جي حمد ۾ مشغول ٿي ويا۔ ايتري ۾ شهر جا ماڻهو پهچي ويا ۽ يَمْلِيخَا باقين کي سمورو قصّو ٻڌايو، انهن حضرات سمجھي ورتو ته اسان الله تعاليٰ جي حڪم سان ايتري وڏي وقت (يعني 300سال کان به وڌيڪ عرصي تائين) ستل رهياسين ۽