Book Name:Ashabe Khaf Ka Waqiya
حضرت عَلاّمه علي قاري رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه هن حديثِ پاڪ جي تحت فرمائن ٿا: هن فرمانِ عالي شان ۾ ويهڻ واري مان مُراد، انهن فتنن کان جدا ٿي رهڻ ۽ بلڪل واسطو نه رکڻ آهي، اهو انهن فتنن کان حِفاظت جو ذريعو هوندو، اهي نه فتنن کي ڏسندا نه اِن جو اثر وٺندا۔ بيٺل رهڻ مان مُراد پري کان انهن کي ڏسڻ، اِن تي خبردار ۽ مطلع ٿيڻ آهي۔ هلڻ مان مُراد ان ۾ معمولي طور تي مشغول ٿيڻ آهي۔ ڊَوڙڻ مان مُراد ان ۾ خوب مشغول ٿيڻ آهي۔ ٺڪاڻي مان مراد اَمن جي جڳھ ۽ پناھ مان مُراد اهو ماڻهو آهي جيڪو ان کي فتنن کان بچائي وٺي يعني يا ته پناھ واري هنڌ هليو وڃي يا اهڙي شخص وٽ رهي جيڪو ان کي انهن فتنن کان بچائي۔ (مرقاۃ المفاتیح،۹/۲۶۱،تحت الحدیث:۵۳۸۴ )
هڪ ڀيرو حضرت سَيدُنا امير ِمعاويه رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْه جنگِ رُوم جي سفر ۾ اصحابِ ڪهف جي غار وٽان گذرڻ مهل ان غار ۾ داخل ٿيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ته حضرت سَيدُنا عبدُالله بن عباس رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم انهن کي منع ڪيو ۽ اِها آيتِ مُبارَڪه تلاوت فرمائي:
لَوِ اطَّلَعۡتَ عَلَیۡہِمۡ لَوَلَّیۡتَ مِنۡہُمۡ فِرَارًا وَّ لَمُلِئۡتَ مِنۡہُمۡ رُعۡبًا ﴿۱۸﴾ (پ۱۵،الڪهف:۱۸) | ترجموڪنز الايمان: اي ٻُڌندڙ جيڪڏهن تُون اُنهن کي جھاتِي پائي نهارِين ته پُٺِي ڏئِي ڀڄِين اُنهن کان ۽ اُنهن کان هيبت ۾ ڀرجِي وڃِين. ([1]) |
مٺامٺا اسلامي ڀائرو!اَصحابِ ڪهف رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم جي جاڳڻ کان پوءِ سڀ کان پهريان هڪ ٻئي کي سلام ڪيو ۽ پوءِ نماز ادا ڪئي۔ انهن جي ان عمل مان معلوم ٿيو ته سلام ۽ نماز نهايت قديم عبادتون آهن، اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ اسلام ۾ به انهن کي هڪ خاص اهميت ۽ فضيلت حاصل آهي، پر افسوس! جو هاڻي سلام جهڙي پياري پياري سُنّت ختم ٿيندي پئي وڃي ۽ بدقسمتي سان مسجدون به نمازين کان خالي ٿين پيون۔ حالانڪه احاديثِ مُبارَڪه ۾ نماز