Book Name:Ashabe Khaf Ka Waqiya

ڏينهن قرار ڏيڻ جي لاءِ عرض گذار ٿيا، جنهن بابت سيپاري 7سوره مائِدَه جي آيت نمبر 114 ۾ ائين بيان فرمايو ويو آهي:

قَالَ عِیۡسَی ابۡنُ مَـرۡ یَمَ اللّٰہُمَّ رَبَّنَاۤ اَنۡزِلۡ عَلَیۡنَا مَآئِدَۃً مِّنَ السَّمَآءِ تَکُـوۡنُ لَنَا عِیۡدًا لِّاَوَّلِنَا وَ اٰخِرِنَا وَ اٰیَۃً مِّنۡکَ ۚ وَ ارۡزُقۡنَا وَ اَنۡتَ خَیۡرُ الرّٰزِقِیۡنَ ﴿۱۱۴﴾ (پ۷،المائدۃ:۱۱۴)

ترجموڪنزالايمان: عِيسى پُٽ مريم جي عرض ڪيو اي الله اي اسان جا رب اسان تي آسمان مان خُونچو نازل فرماءِ جِيئن اُهو اسان جي واسطي عِيد ٿئِي، اسان جي اڳين پوين جِي عِيد ۽ تُنهنجي طرف کان نِشانِي ۽ اسان کي رزق ڏي ۽ تُون سمُورن کان ڀلو روزِي ڏِيندڙ آهين.

شيخ الحديث حضرت علامه عبد المصطفيٰ اعظمي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: حضرت سَيدُنا عيسيٰ رُوحُ الله عَلٰي نَبِينَا وَ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي دُعا مان اهو سبق ملي ٿو ته جنهن ڏينهن قدرتِ خداوندي جي ڪا خاص نشاني ظاهر ٿئي انهي ڏينهن خوشي ڪرڻ ۽ مسرت و شادماني جو اظهار ڪري عيد ملهائڻ حضرت سَيدُنا عيسيٰروحُاللهعَلٰي نَبِينَا وَ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي مُقَدَّس سُنّت آهي۔([1]) بالفرض عُرس جي موقعي تي جيڪڏهن ڪٿي خلافِ شرع ڪم ٿيندا به آهن ته انهن ڪمن کي ختم ڪيو ويندو نه ڪي عرس کي جيئن،

دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل 679 صفحن تي مشتمل ڪتاب”جنّتي زيور“ صفحي 206 تي آهي: اولياءِ ڪرام
عَلَيهم رَحْمَۃُ اللّٰه ِالسَّلام جي مزارات تي حاضري مسلمانن جي لاءِ سعادت ۽ برڪت جو سبب آهي، انهن جي نياز ۽ فاتحه، ايصالِ ثواب مستحب ۽ خير و برڪت جو هڪ وڏو ذريعو آهي۔ البت عُرسن ۾ جيڪي خلافِ شريعت ڪم ٿيڻ لڳا آهن



[1]عجائب القرآن مع غرائب القرآن،ص۹۳ملخصاً