Book Name:Ashabe Khaf Ka Waqiya

جو اُردو زبان ۾ ترجمو آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن ڪتاب ۾ فضائلِ اولياء تي مشتمل آيتن، حديثن کان علاوه ولايت، ڪرامت ۽ اوليا جا قسم، انهن جي باري ۾ اهم اُمور، قبرن جا مختلف احوال، جعلي پيرن جي مذمّت، مزاراتِ اولياء جون برڪتون، اتي حاضري جا آداب ۽ کوڙ اهم معلومات کي گڏ ڪيو ويو آهي۔ تنهنڪري اڄ ئي هن ڪتاب کي مڪتبة المدينه جي بستي تان ھديةً طلب فرمائي پاڻ به پڙھو ۽ ٻين کي به پڙھڻ جي ترغيب ڏياريو۔ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان هن ڪتاب کي رِيڊ (يعني پڙھي) به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ (Download) ۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! ڪجھ ماڻهن جي ذهنن ۾ شيطان اهو وسوسو وجھندو آهي ته ڏينهن مُعَيّن يعني مخصوص ڪري خوشي جو اظهار ڪرڻ يا عُرس ملهائڻ جائز ناهي۔ ياد رکو! ڏينهن مُعَيّن يعني مخصوص ڪري خوشي جو اظهار ڪرڻ ۽ الله وارن جو عرس ملهائڻ ۾ شرعاً ڪو حرج ناهي ۽ اها ڳالھ به ذهن نشين رهي ته بنا شرعي سبب جي ان جائز ۽ مستحب ڪمن کي ناجائز چوڻ هرگز عقلمندن جو طريقو ناهي۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰهعَزَّوَجَلَّ ڏينهن مقرر ڪري خوشي جو اظهار ڪرڻ يا خوشي ملڻ واري ڏينهن کي پنهنجي لاءِ عيد جو ڏينهن قرار ڏيڻ، نيڪ ۽ پرهيزگار ماڻهن جي معمولات ۾ شامل رهيو آهي۔

الله عَزَّوَجَلَّ جي پياري نبي حضرت سَيدُنا عيسيٰ رُوحُ الله عَلٰي نَبِينَا وَ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام پنهنجي حوارين (يعني پنهنجي اصحاب) جي درخواست تي بارگاھ اِلٰهي ۾ آسمان تان دسترخوان لاهڻ ۽ پوءِ ان کي پنهنجي ۽ پنهنجي قوم جي لاءِ عيد جو