Hazrat-e-Isa Ki Mubarak Zindagi

Book Name:Hazrat-e-Isa Ki Mubarak Zindagi

مَدَني ماحول سان هر دم وابَسته رهو ۽ ذيلي حلقي جي 8 مَدَني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حِصّو وٺو۔ ذيلي حلقي جي 8 مدني ڪمن ما هڪ مدني ڪم ”مدني انعامات تي عمل به آهي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو عطا ڪيل 63 مدني انعامات“ نيڪ ٿيڻ جو بهترين نسخو آهي-ته پوءِ وقت مقرر ڪري روزانو فڪر مدينه ڪريو(يعني مدني انعامات جي مطابق اڄ ڪيستائين عمل ٿيو) رسالي ۾ ڏنل خانه ڀري ڪري هر مدني مهيني جي ابتدائي تاريخ جي اندر اندر پنهنجي ذميداره اسلامي ڀيڻ کي جمع ڪرايو وڌيڪ هي ته مڪتبة المدينه جو شايع ٿيل ڪتاب ”جنت جي طلبگارن جي لاءِ مدني گل دستو“ جي ذريعي ٻين اسلامي ڀينرن کي به ”مدني انعامات“ تي عمل ڪرڻ جي ترغيب ڏياريو- هر اسلامي ڀيڻ اها ڪوشش ڪري ته هوءَ عطار جي اجميري، بغدادي، مڪّي ۽ مدني ڌيءُ ٿيڻ جو شرف ماڻي سگهي- انفرادي ڪوشش ڪرڻ واريون ”مدني انعامات“ تي عمل ڪندي هر مهيني مدني انعامات جا گهٽ ۾ گهٽ 26 رسالا تقسيم ڪريو اڳين مهيني وٺڻ جي به ڪوشش ڪريو حدف في ذيلي حلقو:گهٽ ۾ گهٽ 12رسالا آهن.

اچو! ترغيب طور هڪ مَدَني بهار ٻڌون ٿا،

مدني انعامات تي عمل جي برڪت سان چل مدينه جي سعادت ملي وئي

با باب المدينه (ڪراچي) جي هڪ اسلامي ڀيڻ جنهن جي عملي زندگي ڪجهه چڱي نه هئي خاص ڪري نمازن جي پابنديءَ کان محروم هئي وڌيڪ  هي ته فيشن ڪرڻ ۽ گانا باجا ٻڌڻ جي نحوست ڇايل هئي،ان جو پڦاٽ (جيڪودعوت اسلامي جي مشڪبار مدني ماحول سان وابسته هو) انفرادي ڪوشش ڪندي هن جي ڀاءُ کي به دعوت اسلامي جي هفته وار سنتن ڀري اجتماع ۾ نه صرف دعوت ڏني بلڪ پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ شروع ڪري ڏنو. ان اسلامي ڀيڻ جي ڀاءُ سنتن ڀري اجتماع کان واپس اچي اجتماع جو ماجرو ٻڌايو جنهن ۾ سيدي اعلٰي حضرت رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه  جو ذڪر خير ٻڌڻ لاءِ مليو جنهن جي سبب ان اسلامي ڀيڻ کي دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان پنهنجائِپ